ملڪ ۾ عورت کي واپار ۾ شامل ڪرڻ سان  ترقي جا نوان رستا کلي سگهن ٿا

Spread the love

ماريا اسماعيل

ڪاروباري ثقافت ۽ ان جي قدرن کي واڌ ڏيڻ سميت اهڙي قسم جي واپار ۾ سيڙپڪاري ضروري آهي ته جيئن عورتون پاڻ کي ڪاروبار ۽ ماحولياتي نظام ۾ حصو وٺندڙ طور پنھنجي سڃاڻپ بڻائي سگهن. ان سان عورتن جي رويي ۾ تبديلي ايندي۽ انهن سڀني کي اهڙو بنياد ملي سگهندو. اهو سب ڪيئن ممڪن ٿيندو ؟ عورت جي ڪاروباري فرد طور ڪامياب ڪهاڻي کي فروغ ملندو ۽ هڪ عورت پاڻ کي ڪاروباري فرد طور ڪيئن محسوس ڪندي، سندن حوصلي افزائي خاطر تقريبون ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪجن ۽ سندن ان موضوع تي جاڳرتا اجاگر ڪرڻ واري مهم کي مضبوط ڪيو وڃي جيئن منصوبي جي ڪاميابي ۽ تسلسل يقيني ٿي سگهي، ان لاءِ عورت ڪاروباري فرد کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي. شروعاتي طور عورتن لاءِ آسان ۽ سٺي ڪمن ۾ صحت، تعليم ۽ تربيت ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ضروري آهي، مارڪيٽنگ کان ٽيڪنالاجي تائين، صوبائي طوري وفاقي حڪومتن پاران تحقيق ۽ ترقي جهڙي جدت جي حوصلي افزائي به پڻ اهم آهي. اهي تفصيل اهڙا آهن جيڪي هڪ عورت ڪاروباري فرد کي سندس ڪاروبار کي مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ لاءِ وسيلا فراهم ڪن ٿا.

اهڙي ڪوشش ڪئي پي پي ايف، انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر ۽ يورپي يونين جي سهڪار سان ڪراچي ۾ عورتن کي ڪاروباري فرد لاءِ پائيدار ماحولياتي نظام جي تعمير ۽ زراعت ۾ عورتن جي قيادت، جدت ۽ اثر جي عنوان هيٺ ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن  ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪم ڪندڙن عورتون جيڪي پنهنجي هٿراڌو تيار ڪيل شين سميت شرڪت ڪئي، جن ۾ انساني حقن جي ڪميشن، پلاننگ اينڊ ڊوليمنٽ ڊپارليمنٽ، وومن چميبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز، نيشنل انڪيوبيشن سينٽر، موبي لنڪ، مائڪرو فنانس بئنڪ، پاڪستان سنگل ونڊو، ميڊيا سميت ٻين اهم اسٽيڪ هولڊرز، نمائندن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ صنفي حساس مالي خدمتن ۽ موسمياتي سمارٽ زراعت کان وٺي ڊيجيٽل شموليت، قيادت جي ترقي ۽ بغير ادا ڪيل سنڀال واري ڪم جي سڃائپ تائين ٺوس حلن تي بحث ڪيو ويو. ماهرن ڪانفرنس جي مختلف سيشن ۾ زراعت ۽ عورتن جي ننڊن ڪاروبارن تي معلوماتي ڳالهيون ڪيون.

ان موقعي تي صوبائي زراعت واري وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو ته سنڌ حڪومت زراعت کاتي ۾ عورت هارين لاءِ هڪ الڳ خاص ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زرعي ڊيسڪ تي عورت هارياڻيون پنهنجن مسئلن ۽ ضرورتن تي بحث ڪري سگهنديون، سندس چوڻ هو ته اهي هاري عورتون پنهنجي خاندانن جي مدد ڪرڻ ۽ ملڪ جي معيشت ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪاروبار ۾ مصروف آهن. سنڌ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ تحت آبادگارن کي نوان سولر ٽيوب ويل، فصلن جي انشورنس ۽ پاڻي جي ڪورس لائننگ به فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عورتون زرعي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ان لاءِ، سنڌ حڪومت عورت هارين کي 24,000 ڪچن گارڊن ڪٽس فراهم ڪري چڪي آهي. 25 ايڪڙ تائين زمين وارن هارين کي ڪارڊ ذريعي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته آن لائن ايپ ذريعي بينظير هاري ڪارڊ تحت 1.4 ملين هارين کي رجسٽر ڪيو ويو آهي. عورتن جي ترقي واري کاتي جي  صوبائي وزير شاهينه شير علي چيو ته اسان بينظير ڀٽو جي ويزن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون ۽ ننڍا ڪاروبار ڪندڙ عورتن جي مدد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جيل ۾ به عورتن کي تربيت ڏيڻ ۽ انهن کي نوان ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري رهيا آهن. ايندڙ وقت ۾جيل يا ڪنهن ٻئي محفوظ گهر مان نڪرندڙ عورتن کي هاسٽل جون سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. وفاقي وزير خزانه اورنگزيب خان چيو ته عورتن جو ڪم ساراهه جوڳو آهي. انهن پٺتي پيل ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهندي پنهنجي محنت سان پنهنجو نالو ٺاهيو. پي پي اي ايف جي سي اي او نادر گلبرچٽ گراس روٽ بااختيار بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسان جو بنيادي مشن ڪميونٽي سطح تي عورتن جي صلاحيت کي وڌائڻ آهي، اهو يقيني بڻائڻو آھي  ته عورتون ان عمل ۾ نه رڳو شامل آهن، پر پائيدار ترقي جي اڳواڻي پڻ ڪن. عورت جي صلاحيت اسان جو سڀ کان وڏو غير استعمال ٿيل اثاثو آهي.

مَي 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو