سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي نااهلي، گهنٽا گهر چوڪ کي غير قانوني پارڪنگ ايريا ۾ تبديل ڪرڻ سبب ٽريفڪ جام جو مسئلو وڌي ويو
سکر (رپورٽ۔: مداد گل ڪلوڙ) سکر ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميا جي نااهلي،سکر شھر مک روڊن سميت واپاري مرڪز گهنٽاگهر چوڪ کي پارڪنگ ايريا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ٽريفڪ جام روز جو معمول بڻجي ويو شهري پريشاني، سماجي حلقن ۾ پريشاني جي لهر، ڪمشنر سکر ۽ چونڊيل بلدياتي نمائندن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته ان ڏس ۾ سکر جي شھرين ۽ ساڃاھ وندن جو چوڻ آھي ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي رشوت جي عيوض سکر شهر جي تاريخي ۽ مصروف ترين ڪاروباري علائقي کي بااثر سياسي ٺيڪيدارن ۽ قبضي وارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي
سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي انڪروچمينٽ عملو، پوليس اهلڪارن، ٺيڪيدارن ۽ قبضي وارن جي ملي ڀڳت سان سکر جي دل ۽ تاريخي ۽ قديم ورثي واري گهنٽا گهر کي چئني پاسن کان غير قانوني پارڪنگ ايريا ٺاهيو ويو آھي ٽريفڪ پوليس ۽ ميونسپل ٺيڪيدار جي بي ترتيب گاڏيون پارڪ ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي
جنهن سبب ٽريفڪ جام معمول بڻيل آھي جڏهن ته اتان پيادل گزرڻ به مشڪل ٿي ويو آھي،شھرين ڊي سي سکر۔ميئر سکر ۽ ٻين اختيارن کان ٺيڪيدار ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري پارڪنگ ٺيڪو ختم ڪرائي آزار کان بچايو وڃي.
مَي 29, 2025