سکر: سرسو پاران خيرپور ۾ 86 سولر هوم سسٽم ورهايا ويا
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ ) سرسو پاران خيرپور ۾ 86 سولر هوم سسٽم ورهايا ويا خبر موجب سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) خيرپور ميرس ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) مان فائدو حاصل ڪندڙ 86 گھراڻن ۾ سولر هوم سسٽم ورهايا ويا آهن.
هي تقريب سرسو سوڀو ديرو جي يونٽ آفيس ۾ ٿي گذري. سنڌ سولر اينرجي پروجيڪٽ (ايس ايس اي پي) جي تحت سنڌ حڪومت جي پروگرام مطابق ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ 200,000 سولر هوم سسٽم مهيا ڪيا پيا وڃن، جنهن سان تجديدي توانائي کي واڌ ايندي ۽ روايتي توانائي جي ذريعن تي انحصار گھٽايو ويڻدو.
ياد رھي تہ سرسو پنجن ضلعن خيرپور ميرس، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ قمبر-شھدادڪوٽ ۾ هن پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
مَي 29, 2025