بجيٽ تاريخ ۾ تبديلي؟ ناڻي کاتي جي سيڪريٽري جو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي کاتي جي سيڪريٽري امداد الله بوسال بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ ۾ ڦيرڦار بابت هلندڙ خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته مالي سال 26-2025 جو بجيٽ 10 جون تي ئي پيش ڪئي ويندي.
ان کان اڳ ذريعن جي حوالي سان خبرون سامهون آيون هيون ته عيدالفطر جي موقعي تي 7 ۽ 8 جون تي عام موڪلون هونديون، جنهن کانپوءِ عيد جي ٽئين ڏينهن 9 جون تي ڪم جو ڏينهن قرار ڏيڻ جو اعلان ڪرڻو پوندو.
ذريعن موجب، 9 جون تي قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) ۽ اقتصادي سروي جاري ڪرڻ جو شيڊيول آهي، پر ٻنهي کي هڪ ئي ڏينهن جاري ڪرڻ عملي طور ممڪن ناهي.
ذريعن ٻڌايو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن سان گڏ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم به شرڪت ڪندو، اجلاس ۾ ترقياتي پروگرام کي حتمي شڪل ڏني ويندي، جيڪو سڄو ڏينهن جاري رهندو.
ذريعن جو چوڻ آهي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۽ بجيٽ پيش ڪرڻ جي وچ ۾ ٻن ڏينهن جو وقفو رکيو ويندو آهي، تنهنڪري امڪان ظاهر ڪيو ويو هو ته وفاقي حڪومت بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري سگهي ٿي.
پر هاڻ امداد الله بوسال واضح ڪيو آهي ته بجيٽ پنهنجي طئي ٿيل تاريخ 10 جون تي ئي پيش ڪيو ويندو.