وائرس جي روڪٿام: هڪ موقعو، هڪ وچن

Spread the love

مبصرهڪ وقت هو، جڏهن دنيا جي هر ڪنڊ ۾ هر سال لڳ ڀڳ ساڍا ٽي لک ٻار پوليو جهڙي موذي مرض جو شڪار ٿيندا هئا. پر عالمي برادري جي گڏيل ڪوششن، باقاعده ويڪسينيشن مهمن، ۽ والدين جي پڪي ارادي سبب، اڄ دنيا جي 99 سيڪڙو حصي مان پوليو جو خاتمو ممڪن ٿي چڪو آهي.ذڪر جوڳو ڳالهه اها آهي ته جنهن ويڪسين جي ذريعي دنيا جي لکين ٻارن کي سڄي زندگي لاءِ معذوري کان بچايو ويو، اڄ ساڳئي ويڪسين پاڪستان ۾ به استعمال ٿي رهي آهي. هاڻ اها ذميواري اسان جي هٿ ۾ آهي ته ساڳي جذبي ۽ تسلسل سان اڳتي وڌندي، پاڪستان کي به پوليو کان پاڪ ڪيون ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ محفوظ ۽ صحتمند مستقبل مهيا ڪريون.

پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ تسلسل سان ٿيندڙ اعليٰ معيار جون قومي روڪٿام پوليو مهمون فيصلائتي اهميت رکن ٿيون. اهي مهمون نه رڳو ملڪ اندر وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ جو مؤثر ذريعو آهن، پر گرمي جي موسم دوران وائرس جي ممڪن شدت ۽ تيزي سان پکڙجڻ کي محدود ڪرڻ جي حڪمتِ عملي جو به بنيادي حصو آهن.هيءَ حقيقت آهي ته پوليو وائرس گرمي جي مهينن ۾ وڌيڪ تيزي سان پکڙجندو آهي، خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي صفائي سٿرائي جو ماحول خراب هجن يا ويڪسين جي شرح گهٽ هجي. ان ڪري ئي اپريل کانپوءِ مئي ۾ ٿيندڙ انسدادِ پوليو مهم انتهائي ضروري آهي، ته جيئن وائرس جي واڌ کي وقت تي روڪي سگهجي.

گهڻا والدين ايئن سمجهن ٿا ته سندن ٻارن کي بار بار پوليو ويڪسين ڏيڻ شايد غير ضروري آهي، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. هر اضافي خوراڪ ٻار جي قوتِ مدافعت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي، ۽ کيس پوليو کان محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.مدافعت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ هر هر پوليو جا قطرا پيارڻ نه رڳو محفوظ آهن پر انتهائي ضروري به آهن، جيئن ٻار مڪمل طور تي هن موذي بيماري کان محفوظ رهي سگهي. گذريل ڪجهه مهينن دوران ملڪ ۾ پوليو ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جيڪا پوليو ورڪرن، صحت کاتي ۽ والدين جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. لڳاتار ويڪسين مهمن وائرس جي اثرائتي حد بندي ڪئي آهي، پر هيءَ اڳڀرائي صرف تڏهن برقرار رهي سگهي ٿي، جڏهن هر ڀيري، هر ٻار کي پوليو ويڪسين ضرور ڏني وڃي.

گرمين جي موسم ۾، جتي پوليو وائرس جي پکڙجڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو، اتي ئي مليريا، هيضو ۽ دستن جهڙيون بيماريون به شدت اختيار ڪري وينديون آهن. اهڙي صورتحال ۾ ٻارن جي حفاظتي ويڪسينن جو مڪمل ڪورس هجڻ انتهائي ضروري آهي. والدين کي گهرجي ته ويجهي صحت مرڪز سان رابطو ڪن، پنهنجي ٻارن جي ويڪسينشن جو جائزو وٺن ۽ سمورا حفاظتي ٽيڪا وقت سر مڪمل ڪرائين.پوليو کان بچاءُ صرف حڪومت جي ذميواري نه آهي، اها هر والدين جي انفرادي ذميواري به آهي. هر اهو ٻار جيڪو ويڪسين کان محروم رهي ٿو، نه رڳو پاڻ خطري ۾ هوندو آهي، پر سڄي سماج لاءِ به هڪ خطري جي علامت بڻجي سگهي ٿو. والدين کي اپيل آهي ته هو هر مهم دوران ويڪسين ٽيم سان ڀرپور تعاون ڪن ۽ پنهنجن سڀني ٻارن کي ضرور قطرا پيارين.

پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ قائم ڪيل قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ مربوط نظام تحت سڄي ملڪ ۾ پوليو جي روڪٿام لاءِ منصوبه بندي سان مهمون هلائجن ٿيون. اهي مهمون صوبي ۽ ضلعي سطح تي صحت کاتي، انتظاميا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ بين الاقوامي ساٿارين جي سهڪار سان مڪمل ڪيون وڃن ٿيون. هر مهم کان اڳ، اعليٰ خطري وارن يونين ڪائونسلن ۾ تيارين، ٽيم جي تربيت، ۽ ويڪسين جي فراهمي بابت جامع قدم کنيا وڃن ٿا، ته جيئن هر ٻار تائين رسائي يقيني بڻائي سگهجي.

ان سلسلي ۾ پوليو ورڪرن جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو، جيڪي سخت گرمي، ڏکين علائقن، ۽ ڪيترين ئي سماجي رڪاوٽن جي باوجود هر در تائين پهچن ٿا. سندن محنت ۽ جذبي کي تسليم ڪرڻ، ۽ انهن لاءِ محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ، اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. والدين، علما، استادن ۽ مقامي سماجي اڳواڻن کي گهرجي ته اهي پوليو ٽيم سان سٺو رويو اختيار ڪن ۽ پنهنجي علائقي ۾ مهم جي ڪاميابي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن.پوليو خلاف جنگ رڳو هڪ بيماري جي خاتمي لاءِ نه پر پاڪستان جي محفوظ مستقبل لاءِ به آهي. پاڪستان حڪومت، صحت کاتو، ۽ پوليو پروگرام جا ورڪر ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن ته جيئن هر ٻار محفوظ رهي. هاڻ وقت آهي ته والدين به قدم قدم سان ملائي، هن قومي مقصد جي حاصلات ۾ پنهنجو ڀرپور حصو ادا ڪن. اپريل ۽ مئي جون ٻه لڳاتار پوليو مهمون، گرمي جي موسم کان اڳ وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ منعقد ڪيون ويون آهن. اچو ته هن قومي ڪوشش جو حصو بڻجي، انهن مهمن کي ڪامياب بڻائي، ۽ نه صرف پوليو پر ٻين بيمارين کان به پنهنجي ٻارن جو تحفظ يقيني بڻايون.

هڪ وقت هو، جڏهن دنيا جي هر ڪنڊ ۾ هر سال لڳ ڀڳ ساڍا ٽي لک ٻار پوليو جهڙي موذي مرض جو شڪار ٿيندا هئا. پر عالمي برادري جي گڏيل ڪوششن، باقاعده ويڪسينيشن مهمن، ۽ والدين جي پڪي ارادي سبب، اڄ دنيا جي 99 سيڪڙو حصي مان پوليو جو خاتمو ممڪن ٿي چڪو آهي.ذڪر جوڳو ڳالهه اها آهي ته جنهن ويڪسين جي ذريعي دنيا جي لکين ٻارن کي سڄي زندگي لاءِ معذوري کان بچايو ويو، اڄ ساڳئي ويڪسين پاڪستان ۾ به استعمال ٿي رهي آهي. هاڻ اها ذميواري اسان جي هٿ ۾ آهي ته ساڳي جذبي ۽ تسلسل سان اڳتي وڌندي، پاڪستان کي به پوليو کان پاڪ ڪيون ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ محفوظ ۽ صحتمند مستقبل مهيا ڪريون.

مَي 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو