مٺي: ڀارت جي جنگي روين خلاف جماعت اسلامي جو سخت ردعمل، سنڌ جي وسيلن بابت به ڳڻتي جو اظهار
مٺي (ڊ-ر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڀارت هاڻي “هندو توا ري پبلڪ بڻجي ويو آهي جنهن جو وڌندڙ جنگي بيانيو علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي.
هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو مودي جي نفرت تي ٻڌل بيانن جو نوٽيس وٺن جيڪي عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن. جيڪڏهن ڀارت ٻيهر پاڪستان تي حملي جي ڪوشش ڪئي ته کيس اڳ کان وڌيڪ ذلت آميز شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. هن چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل ڪشمير ۽ غزه ۾ مسلمانن جي رت سان هولي کيڏي رهيا آهن جڏهن ته “انجمن غلامان آمريڪا” بڻيل مسلم حڪمران خاموش تماشائي بڻجي ويا آهن.
هن چيو ته غزه ۾ ٿيندڙ انسانيت سوز ظلم ۽ فلسطيني قوم جي نسل ڪشي تي عالمي ضمير، گڏوگڏ مسلم حڪمرانن جي بي حسي ۽ مجرمانه خاموشيءَ کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پريس ڪانفرنس دوران محمد يوسف سنڌ جي پاڻي، زمين ۽ هارين جي مسئلن تي به ڳالهيون ڪيون.
هن چيو ته “درياهه سنڌ مان ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبي سان ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻهو پاڻي لاءِ ترسندا جڏهن ته انهيءَ منصوبي جي منظوري ڏيندڙ اڄ ڊرامائي احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي هارين سان ناانصافي ٿي رهي آهي،
جڏهن ته پيپلزپارٽي اڃا تائين پاڻ کي 1980 واري ڏهاڪي ۾ سمجهي ٿي، پر هاڻي دور بدلجي چڪو آهي، ماڻهو هاڻ حقيقتن کان واقف ٿي ويا آهن. محمد يوسف مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن جي نيلامي کي رد ڪيو وڃي ۽ اهي زمينون سنڌ جي اصل رهواسين کي الاٽ ڪيون وڃن. هن چيو ته جڏهن سنڌ جو عوام پنهنجن حقن لاءِ روڊن تي نڪري ٿو ته صوبائي حڪومت ظلم تي لهي اچي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جيڪو تشدد وارو رستو اختيار ڪيو آهي ان جا نتيجا انهن لاءِ ئي نقصانڪار ثابت ٿيندا.
هن ملڪ اندر “مسترد ٿيل” ماڻهن کي قوم تي مڙهڻ کي مسئلن جي حل ۾ وڏي رڪاوٽ قرار ڏنو. پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ محمد يوسف اعلان ڪيو ته هو حيدرآباد ۾ 1 جون تي ٿيندڙ جلسي لاءِ دعوتي مهم هلائڻ لاءِ ٿر پهتو آهي. هن ٻڌايو ته ان جلسي کي جماعت اسلامي پاڪستان جو امير حافظ نعيم الرحمان خطاب ڪندو.
مَي 28, 2025