ملير: اسٽيل ٽائون پوليس پاران مبينا طور رشوت لاءِ ٽن شهرين کي يرغمال بڻائڻ جو انڪشاف
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي علائقي ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل (اي سي ايل سي) پوليس پاران ڳاڙهي مان چوپايو مال کڻي ملير پڙي ۾ وڪرو ڪري واپس موٽندڙ ٽن ڄڻن کي مبينا طور يرغمال بڻائي رشوت اوڳاڙي جو سنگين واقعو سامهون آيو آهي،
متاثرن موجب پوليس اهلڪارن هنن کان 50 هزار رپين جو مطالبو ڪيو ۽ انڪار تي زبردستي اسٽيل ٽائون ٿاڻي منتقل ڪري قيد ڪري ڇڏيو متاثرن ۾ ٽرڪ ڊرائيور شير محمد بلوچ، شوڪت شيخ ۽ دين محمد شيخ شامل آهن، انهن جو چوڻ آهي ته “منزل پمپ” ويجهو اي سي ايل سي اهلڪارن بنا ڪنهن قانوني جواز جي روڪيو ۽ رقم جو مطالبو ڪيو،
رقم نه ڏيڻ تي کين ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، جتي کين مالي دٻاءُ هيٺ رکيو ويو، متاثرن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته پوليس انهن جي کيسي مان 10 هزار رپيا به ڪڍي ورتا،
اهڙي خبر جيئن ئي ملير جي صحافين کي ملي ته هو اسٽيل ٽائون ٿاڻي پهتا ته اهلڪارن مبينا مغوي شهرين کي فوري طور تان ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن سان واقعي جي غير قانوني نوعيت وڌيڪ واضح ٿي وئي.شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي ملير ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوار اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
مَي 28, 2025