شاهين آفريدي ليجنڊري فٽبالر ميسي ۽ نيمار سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ڪپتان شاهين شاهه آفريدي کي عالمي فٽبال جي تنظيم فيفا طرفان وڏو اعزاز ملي ويو، جتي کيس دنيا جي ليجنڊري فٽبالرن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
فيـفا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ ليونل ميسي، نيمار جونيئر، لوڪا موڊرچ جي ڏهين نمبر واري جرسي سان گڏ شاهين شاهه آفريدي جي جرسي به ڏيکاري وئي.
فيفا اتنظاميا طرفان پوسٽ جو مقصد پاڪستاني فٽبال پرستارن کي فيفا ورلڊڪپ کان اڳ متحرڪ ڪرڻ ۽ سندن دلچسپي وڌائڻ ڄاڻايو ويو .
واضح رهي ته لاهور قلندرز پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن جي فائنل ۾ سخت مقابلي کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو پي ايس ايل جي فاتح بڻي آهي.