سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ڪارروائي، ڪالعدم تنظيم جا 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ وڏي ڪارروائي دوران ڪالعدم تنظيم جا 4 دهشتگرد مارجي ويا.
موسيٰ خيل ضلعي جي علائقي راڙا شم ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ اهم ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪالعدم تنظيم جا 4 دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد راڙا شم ۾ هاءِ وي تي بم نصب ڪري رهيا هئا، سندن قبضي مان بم ۽ هٿيار به برآمد ٿيا.
مارجي ويل دهشتگرد مسافر بسن تي حملن سميت مختلف ڪارروائين ۾ ملوث هئا.