سيٺارجا: يومِ تڪبير جي موقعي تي پاڪ ڊفينڊر سول آرگنائيزيشن پاران شاندار تقريب

Spread the love

سيٺارجا( رپورٽر  ) 28 . مئي يوم تڪبير جي موقعي سيٺارجا ۾ پاڪ ڊفينڊر سول آرگنائيزيشن پاڪستان جي ضلع خيرپور جي صدر سيد عرفان علي شاهه جي رهائش گاهه تي تقريب منعقد ڪئي وئي

 جنهن ۾ بخت حسین بلوچ . فوجي عبدالرزاق . امير حسين لنڊ . منارتي ڪائونسلر بابر مل . استاد سڌير مل . استاد ڦولجي سميت ٻين شرڪت ڪئي .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد عرفان علي شاهه ۽ ٻين چيو ته اڄ اهو تاريخ ساز ڏينهن آهي جنهن ڏينهن 28 مئي اسلامي جمهوريه پاڪستان ايٽمي قوت بڻجي دنيا ۾ ستون ايٽمي قوت رکندڙ ملڪ بڻيو . هن اسين ڀارت جي جارحيت خلاف پاڪ فوج جي بهادري سان ملڪ جي حفاظت ڪندي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ سميت ملڪ جي سرحدن جي ڀرپور حفاظت ڪرڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا

ان کان علاوه آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي فائز ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا . ان موقعي تي تقريب ۾ ملڪ . فوج ۽ قوم جي لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي.

مَي 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو