سيوھڻ: يومِ تڪبير تي ڀان سيدآباد ۾ شاندار ريلي، پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) يوم تڪبير جي ڏينھن جي موقعي تي ڀان سيد آباد ۾ ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد انتظاميہ طرفان پاڪستان زنده آباد جي نالي سان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي،
ھي ريلي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ محمد وقاص ملوڪ ۽ ٽائون آفيسر علي اصغر ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي ڀان سيدآباد جي آفيس کان دعا چوڪ ڀان سيدآباد تائين ڪڍي وئي،
جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن وڏي انگ شرڪت ڪئي،ھن ريلي دوران پاڪستان فوج زنده آباد ۽ پاڪستان زنده آباد جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ لڳايا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پاڪستاني فوج ڀارتي جارحيت جو جواب ڏئي عوام جا دل کٽي ورتا آهن، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، اسان پنهنجي ملڪ جي خودمختياري جو دفاع ڪندا رهنداسين،
ڀارت کي ڪشمير جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڀارت اسان جي سر زمين کي ميري اک سان ڏسندو ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو،
هنن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن کي به ڀارتي جارحيت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، جڏھن ته پاڪستاني عوام پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ آھي، اسان جي پاڪ فوج پنھنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي.
مَي 28, 2025