دادو: استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ يومِ تڪبير قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ يومِ تڪبير جي پروقار تقريب قومي جذبي سان ملهائي وئي. تقريب جي صدارت پرنسپل پروفيسر محمد عرفان ڪئي، يومِ تڪبير جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، پروفيسر محمد عرفان چيو ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻجندي 27 سال ٿي ويا آهن. پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي جي علامت آهي،
پروفيسر غلام فاروق لنڊ چيو ته يومِ تڪبير قومي غيرت، بي مثال بهادري ۽ عزم جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن واضح پيغام ڏئي ٿو ته پاڪستان جي خلاف ڪنهن به جارحيت جو انجام عبرتناڪ ٿيندو، پروفيسر سيد حب علي شاهه چيو ته 27 سال اڳ پاڪستان کي سخت اقتصادي، سياسي ۽ سفارتي دٻاءُ جي باوجود ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو. اربين ڊالرن جي آڇ جي باوجود پاڪستان ﷲ تي ڀروسو ڪندي پنهنجو دفاع مضبوط ڪيو،
پروفيسر خالد سومرو چيو ته 28 مئي 1998ع پاڪستان جي تاريخ جو سونهري ڏينهن آهي. هن ڏينهن پاڪستان نه رڳو دنيا جي ستين ايٽمي طاقت بڻيو، پر اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي طاقت طور به سڃاتو ويو، 1974ع ۾ شروع ٿيل ايٽمي پروگرام ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي اڳواڻيءَ ۾ مڪمل ٿيو، جيڪو پاڪستان جي سلامتي ۽ خطي ۾ طاقت جي توازن لاءِ ضروري هو، تقريب جي پڄاڻيءَ تي شاگردن ۽ استادن پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا گهري وئي.
مَي 28, 2025