ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش مسئلا

Spread the love

ياسر قاضي

ڪلهه کان ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ”سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ مادري ٻولين جا سماجي ۽ ثقافتي رُخ“ جي موضوع تي ٽين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي، جنهن جو اڄ ٻيون ۽ آخري ڏينهن آهي. سنڌي ٻولي اختياريءَ جي موجوده چيئرمئن، ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي ايامڪاريءَ ۾ اٿارٽيءَ جي بيشمار سرگرمين ۾ سال جا ٻه نمايان ڪاڄَ بنا ناغي جي ڪوٺايا ويندا رهيا آهن. هڪ ’ٻارن جو شاهه لطيف ميلو‘ ۽ ٻي ’ٻوليءَ جي سالياني عالمي ڪانفرنس‘، جنهن جو مک موضوع، سنڌي ٻولي ۽ سنڌو لکت (انڊس اسڪرپٽ) هوندو آهي، جنهن بابت هر سال دنيا جا هاڪارا عالم گڏ ٿي سنڌو لکت جي ڀاڃ جي حوالي سان تازيون تحقيقون ونڊيندا آهن. ڪلهه کان هلندڙ ڪانفرنس ان سلسلي جي ٽين ڪڙي آهي. ان کان اڳ 2023ع ۽ 2024ع ۾ پهرين ۽ ٻين ڪانفرنس ڪاميابيءَ سان منعقد ٿي چڪيون آهن. هن ڪانفرنس جي تفصيلي پچار پاڻ ايندڙ ڪالم ۾ ڪنداسون، ڇاڪاڻ ته اڄ شام اختتامي اجلاس ۾ ڪانفرنس جي سفارشن جو سامهون اچڻ ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ ٺهراءَ پاس ٿيڻ اهم آهي، جنهن تي ئي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ تحقيق بابت ايندڙ علمي توڙي عملي رٿابندي ڪري سگھبي، پر ان کان اڳ اڄ اچو ته مختصراً اهو جائزو وٺون ته سنڌي ٻوليءَ کي موجوده دؤر ۾ خاص ڪري ڪراچيءَ جهڙي وڏي ۽ اهم ترين شهر ۾ درپيش وڏا وڏا مسئلا آهن ڪهڙا، جن جي حل لاءِ اسان مان هر ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪي ڳالهيون انتهائي همت افزا آهن. مثال طور اها حقيقت ته پاڪستان ۾ اردوءَ کانپوءِ جنهن ٻوليءَ ۾ وڌ ۾ وڌ ادب سرججي ۽ ڇپجي ٿو، اها سنڌي ٻولي آهي. (ان جو معيار هڪ الڳ بحث آهي، پر بهرحال مقدار جي لحاظ کان سنڌيءَ ۾ اردوءَ کانپوءِ سڀني کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجن ٿا.) ٻيو: سنڌ، پاڪستان جو اهو واحد صوبو آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ادبي ميڙاڪا منعقد ٿين ٿا ۽ سڀني کان وڏي ڳالهه اها ته آئين ۾ ان قسم جي ادارن قائم ڪرڻ جي صوبن کي مليل اختيار باوجود اها صرف سنڌ ئي آهي، جنهن پنهنجي قومي ٻوليءَ جي بچاءَ توڙي واڌاري لاءِ سنڌ اسيمبليءَ کان باضابطه منظوريءَ سان هڪ بااختيار ادارو (اٿارٽي) قائم ڪري ورتي آهي. پاڪستان ۾ ’مقتدره قومي زبان‘ (نيشنل لئنگئيج اٿارٽيءَ) جنهن جو نالو هاڻي مٽائي ’ادارهء فروغِ قومي زبان‘ رکيو ويو آهي، کانپوءِ پاڪستان جي ٻولين مان واحد سنڌي ٻولي ئي آهي، جنهنجي سرڪاري اختياري موجود آهي، جيڪا سڄو سال ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري ٿي. سنڌي ٻوليءَ جو پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ اهو ممتاز مقام ان جو حق به آهي، ڇاڪاڻ ته اها هن خطي جي قديم ترين زبان آهي. ان کي هن وقت تائين ”قومي زبان“ جو سرڪاري حوالي سان درجو نه ملڻ جي پٺيان ڪهڙا سياسي عوامل ڪار فرما آهن، ان جي سڀني کي ڄاڻ آهي، پر ان کانسواءِ به سنڌي ٻوليءَ کي اڪيچار مسئلا درپيش آهن، جن مان گھڻن جي حل جي حوالي سان سرڪار جو ٿورو توجهه انتهائي ڪارگر ثابت ٿي سگھي ٿو. انهن مسئلن مان ڪجھه هي آهن:

1 ــ ڪراچيءَ ۾ تعليم کاتي پاران اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لازمي قرار ڏيڻ جي باوجود گھڻن اسڪولن ۾ سنڌي رڳو ميار لاهڻ لاءِ نالي ماتر پڙهائي وڃي ٿي. هڪ محتاط اندازي موجب ڪراچيءَ جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن منجھان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ کي پاڻ کي سنڌي نٿي اچي ڇاڪاڻ ته سنڌي انهن جي مادري ٻولي آهي ئي ڪانه ۽ ”جتي وڻ نه هجي، اُتي ڪانڊيرو به درخت“ واري مثال جي مصداق اڻ ڳڻين اسڪولن ۾ غير سنڌي استاد ۽ استادياڻيون سنڌي پڙهائن ٿيون. منهنجي ذاتي مشاهدي موجب، ڪراچيءَ ۾ اهڙيون اڻ ڳڻيون سنڌي پڙهائيندڙ استادياڻيون آهن، جيڪي 20 سالن کان پنهنجن اسڪولن ۾ سنڌي پاڙهين پيون، پر کين سنڌيءَ ۾ پنهنجو تعارف 20 سيڪنڊ به ڪرائڻ ڪونه ٿو اچي. اهڙا استادَ، شاگردن کي ڪهڙي سنڌي پڙهائيندا! ۽ سرڪار پاران سمورن سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ اهڙي ڏنڊي کڻڻ جو ڪهڙو فائدو؟ جو استاد کي پاڻ کي سنڌيءَ جا ٽي جملا سڌيءَ ريت ڳالهائڻ نه اچن! ان حوالي سان تعليم کاتي (خاص طور اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي) هڪ جامع لائحه عمل تيار ڪري اهڙا استاد ڀرتي ڪرڻا پوندا، جيڪي ڀليءَ ڀت سنڌي ڄاڻندا هجن، جن جي مناسب تربيت جو اهتمام ڪرڻ سان ئي سنڌيءَ جي معياري تدريس جو جوڳو انتظام ٿي سگھي ٿو.

2 ــ اسانجو نصاب غلطين سان ڀريو پيو آهي. ان ۾ وياڪرڻي (گرامر جون) غلطيون ته پنهنجيءَ جاءِ تي اڪيچار آهن ئي، پر ٻار جي عمر ۽ نفسيات سان نصاب جي هم آهنگ نه هجڻ جا مسئلا به جام آهن. اهو مسئلو اڃا هڪ الڳ داستان آهي ته اسانجو نصاب موجوده دؤر جي گُھرجن سان ٺهڪي ئي ڪونه ٿو! ٻيو ته سنڌيءَ جو نصاب موضوعاتي لحاظَ کان اڌ اسلاميات ۽ اڌ پاڪستان جي اڀياس جي نصاب جو ڏيک ٿو ڏئي، جيتوڻيڪ هر ڪلاس جو ٻار، انهن مضمونن جا ڌار ڪتاب به پڙهي ٿو. ڪورس ڊزائن ڪندي انهن ڳالهين کي نظر ۾ نه رکبو ته اسانجو نصاب ٻار جي ذهني اوسر ۾ ڪوئي مثبت ڪردار ادا ڪونه ڪري سگھندو.

3 ــ ڪراچي انٽرميڊييٽ بورڊ جي امتحانن ۾ هڪ ظلم هر سال ڪيو وڃي ٿو، پر ان خلاف سنڌي ڪٽنبن جا ٻار يا انهن جا والدين اڃا تائين اثرائتي انداز ۾ آواز بلند ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، تڏهن تعليم کاتي جو جوڳو ڌيان ان پاسي ناهي ويو. اِهو ظلم اهو آهي ته بورڊ جا اهلڪار پنهنجي مرضيءَ سان سنڌي شاگردن کان پڇڻ بنا کين يارهين ڪلاس (فرسٽ ييئر) ۾ ”آسان سنڌيءَ“ جو مضمون چِپڪائي ڇڏين ٿا، جيڪو غير سنڌين لاءِ (’نان مڌر ٽَنگ‘ طور پڙهائڻ لاءِ) آهي. نتيجي ۾ ٻارهين ڪلاس (انٽر) ۾ جنهن سنڌي ٻار کي مادري زبان (’مڌر ٽَنگ‘) طور ”سنڌي نصاب (لازمي)“ پڙهڻو آهي، اهو هُو نٿو پڙهي سگھي. نتيجي ۾ انگن اکرن ۾ به ڪراچي بورڊ مان امتحان ڏيندڙ شاگردن ۾ سنڌيءَ کي مادري ٻوليءَ طور پڙهندڙ ۽ ان ۾ امتحان ڏيندڙ شاگردن جو تعداد انتهائي گھٽ ٿو ظاهر ٿئي. جيڪڏهن تعليم کاتو ايندڙ مهيني جُون ۾ آرٽس جي شروع ٿيندڙ ساليانن امتحانن ۾ سروي ڪرائي ته فرسٽ ييئر ۾ ”آسان سنڌيءَ“ جو پيپر ڏيندڙ اڌ کان وڌي سنڌي شاگرد نڪرندا. انهن کان جيڪڏهن اهو سوال ڪيو ويندو ته ”اوهان آسان سنڌيءَ جو پيپر ڇو پيا ڏيو؟“ ته جواب اهو ئي ملندو ته ”اسانجي سبجيڪٽن جي چونڊ ۾ اسان کان پڇئي بنان ئي اهو مضمون شامل ڪيو ويو آهي.“ بورڊ ۾ جيڪڏهن ڪو سنڌي شاگرد يا ان جا والدين ”آسان سنڌيءَ“ جي انتخاب تي اعتراض وارن ٿا، ته موٽ ۾ انهن سان بورڊ جي غير سنڌي عملي جو انتهائي سخت ۽ نامناسب روّيو سامهون اچي ٿو. ڪن والدين جي بقول ته بورڊ جي اهلڪار اهو چئي فارم جمع ڪرائڻ واري دري بند ڪري ڇڏي ته: ”کڻڻو اٿئي ته ’آسان سنڌي‘ ئي کڻ! نه ته تنهنجو فارم ئي جمع ڪونه ٿا ڪريون!“

تعليم کاتي کي ۽ خاص ڪري تعليم جي وزير صاحب کي ان ڳالهه جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي، بورڊ جي اهڙن ملازمن جي ڪنَ مهٽ ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي تدارڪ لاءِ سادي نموني بورڊ جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي سموري عمل کي آن لائن ڪري ڇڏڻ گھرجي (جيئن شاگردن جي ڪاليجن ۾ داخلا جو سمورو عمل آن لائن مڪمل ٿيندو آهي) ته جيئن شاگرد پنهنجي مرضيءَ سان انهن مضمونن جو انتخاب ڪري سگھن، جن ۾ هو امتحان ڏيڻ چاهين ٿا.

4 ــ ڪراچي، سنڌ جي راڄڌاني ۽ سنڌ جي پيشانيءَ جو ٽِڪو (جُھومر) آهي. اهو پاڪستان ۾ داخلا جو دروازو پڻ آهي. بندرگاهه کان وٺي هوائي اڏي تائين، ريلوي اسٽيشن کان وٺي بس ٽرمينل تائين شهر ۾ هزارين جايون اهڙيون آهن، جتي روز لکين ماڻهو ٻاهرين ملڪن، صوبن توڙي شهرن مان هن شهر رستي سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا. ڪهڙو فرق پئجي ويندو؟ جيڪڏهن انهن سمورن پبلڪ مقامن تي ”خوش آمديد“ ۽ ”We1come“ سان گڏ ”ڀلي ڪري آيا“ به لکيل هجي؟ يا جيڪڏهن وڏين شاهراهن تي لڳل بورڊن يا اهم جاين تي لڳل نشانين جا نالا اردوءَ ۽ انگريزيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ به لکيا وڃن! جيئن ڀارت ۾ هر روڊ تي ان جو نالو ٽن ٻولين ۾ لکيل هوندو آهي. مٿان مٿان ان رياست (صوبي) جي قومي ٻوليءَ ۾، ٻِين سٽ ۾ هنديءَ (ملڪ جي قومي ٻوليءَ) ۾ ۽ آخري سِٽَ ۾ انگريزيءَ ۾. ايتري سِکَ ته اسان پاڙي وارن کان به سکي سگھون ٿا. ايئن ڪرڻ سان ٻي ڪا ٻولي ننڍي ڪانه ٿي ويندي، بلڪه اهو عمل نه رڳو ان خطي جي ٻوليءَ جو حق ادا ڪندو بلڪه، عالمي طور به گھڻ ٻوليائي سُونهن ۽ ثقافتي گھڻ رنگائيءَ (تنوّع) جو پيغام عام ڪندو.

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو