پاڪ-بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ” ڊي آر ايس “ جي سهولت نه هوندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران ڊيسيجن ريويو سسٽم (ڊي آر ايس) جي سهولت موجود نه هوندي.
ذريعن موجب، پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ري شيڊيولنگ کانپوءِ به ڊي آر ايس جي سهولت موجود نه هئي ۽ پي ايس ايل جو آخري مرحلو ڊي آر ايس کانسواءِ کيڏيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي سيريز جون ميچون به ڊي آر ايس کان سواءِ کيڏيون وينديون.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي وندي.