موديءَ جو جنگي بيانيو خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو بڻجي رهيو آهي: پاڪستان

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي گجرات واري بيان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙا بيان چونڊ مهم جو حصو ۽ نفرت تي ٻڌل سياست جي عڪاسي ڪن ٿا.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت کي جيڪڏهن واقعي انتها پسندي جي ڳڻتي آهي ته پوءِ ان پنهنجي ملڪ اندر هندوتوا واري انتها پسندي ۽ اقليتن سان ٿيندڙ زيادتين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي.
ترجمان چيو ته جوهري سگهه رکندڙ رياست جي سربراهه جا نفرت جوڳا ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان افسوسناڪ ۽ خطي جي امن لاءِ انتهائي خطري جو سبب آهن.
ترجمان موجب، ڀارت جو وڌندڙ جنگي بيانيون خطي جي استحڪام لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪو آهي، پر پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ ڀرپور ۽ منھن ٽوڙ جواب ڏيندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي گجرات ۾ هڪ چونڊ ريلي دوران خطاب ڪندي چيو هو ته پاڪستان جي عوام کي پاڻ اڳتي اچي دهشتگردي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو، سڪون سان جيئو، ماني کائو، نه ته منهنجي گولي ته آهي ئي.

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو