سڪرنڊ: ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ خان محمد زرداري جي ٽريزري مسئلن لاءِ کلي ڪچهري، ملازمن جا پينشن ۽ مالي مسئلا حل
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي شھيد بينظيرآباد خان محمد زرداري پاران ضلع شھيد بينظيرآباد جي سرڪاري حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جا ٽريزري بابت مسئلا معلوم ڪرڻ ۽ انھن جي حل لاءِ اڄ ڊسٽرڪٽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس شھيد بينظيرآباد ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي
کلي ڪچهري ۾ ريجنل ڊائريڪٽر خان محمد زرداري پاران ملازمن جا پينشن، گريجوئٽي، ڪميوٽيشن، ايل پي آر، جي پي فنڊ بابت مسئلا معلوم ڪري موقعي تي حل ڪيا ويا
ان موقعي تي کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي خان محمد زرداري چيو ته صوبائي محتسب اعلي جي اداري پاران عوام کي تڪڙو ريليف فراھم ڪرڻ لاءَ ھر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن ھن وڌيڪ چيو ته سرڪاري حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جي ٽريزري بابت مسئلن جي حل لاءِ ٽريزري آفيس ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي آهي
جنھن جو مقصد ملازمن جا مسئلا معلوم ڪري موقعي تي حل ڪرڻ آھي ھن وڌيڪ چيو ته اڄ جي کلي ڪچهري ۾ ڪافي ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا موقعي تي حل ڪيا ويا آھن جڏھن ته ڪجھ مسئلن جي حل لاءِ ٽريزري آفيس جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن
ھن وڌيڪ چيو ته ڪنھن بہ ماڻھو کي ڪنھن بہ اداري ۾ جائز ڪم لاءِ پريشان ڪيو ٿو وڃي ته اھي پنھنجون شڪايتون لکت ۾ سندس آفيس ۾ اچي ڪري جمع ڪرائين ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر حبيب الرحمن آرائين ٻڌايو ته فنانس کاتي پاران مليل فنڊن تحت ضلع شھيد بينظيرآباد جي ٽريزري آفيس ۾ پينشنرن جا ڪميوٽيشن، ايل پي آر جي مد ۾ رھيل سمورا ڪيس ٿي ويا آھن
ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري محمد سليم ڀٽي، ٽريزري آفيسر علي رضا ڀٽي، طالب حسين زرداري، انفارميشن آفيسر شير محمد جمالي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر آصف خٽڪ سميت ٽريزري آفيس جي عملدارن ۽ سرڪاري حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن شرڪت ڪئي.
مَي 27, 2025