سڪرنڊ: آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن پاران پگهارون نه وڌائڻ خلاف احتجاجي ريلي

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسئيشن تعلقي پاران بجيٽ ۾ ملازمن جون پگھارون نه وڌائڻ خلاف تعلقه ايجوڪيشن آفيس سڪرنڊ کان قاضي سرفراز چوڪ تائين ضلعي صدر عرض محمد چانڊيو ۔ تعلقي صدر  ڌڻي بخش ملاح ۔ علي انور ڪيريو ۔ امام بخش سيال ۔ پ ٽ الف اڳواڻ فاروق جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

 ريلي کي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ملازمن کي ڪوبه رليف نٿو ڏنو وڃي ان لاء اسان آفيسن جي تالا بندي ڪري روڊن تي نڪري آيا آھيون ھنن چيو ته بجيٽ ۾ ملازمن کي 100 سيڪڙو پگارون وڌائي ڏنيون وڃن ۔ ايم اين اي ۽ ايم پي اي جون 400 سيڪڙو پگھارون وڌايون ويون اسان ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي

 جو اسان پوئتي ڪيو پيو وڃي ھنن چيو ته جيڪڏھن اسان جون پگھارون نه وڌايون ويون ته اسان وزيراعلي ھائوس آڏو تاريخي ڌرڻو ھڻنداسين ان موقعي تي لطيف ملاح ۔ امتياز ڪيريو ۔ عزيز لاکو ۔ سوڍو کوسو ۔ ھارون ڪيريو ۔ مھراب ڪيريو ۔ ذوالفقار مگسي ۔ مراد علي ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو .

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو