سکر: ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي تيارين لاءِ اجلاس

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي اڳواٽ تيارين جي سلسلي ۾ ھڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو۔

اجلاس ۾ ڊي سي سکر پاران تعلقي روهڙي, اولڊ سکر ۽ سکر سٽي ۾ گهڻي عرصي کان عوام الناس لاء پريشاني جو باعث بڻجندڙ  مسئلن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر لاڳاپيل عملدارن کي  روهڙي ۾ ماتمي جلسن جلوسن واري روٽس جي مرمت جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو

جڏهن تہ روهڙي ۾ قديمي مجلسن ۽ ماتمي جلوسن واري هنڌ پاڻي, واش رومز ۽ نلڪن سميت سمورا انتظام اڳواٽ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون۔ هن چيو تہ  روهڙي ۾ صفائي سٿرائي لاء عملو مقرر ڪيو وڃي جن جي روزاني جي بنياد تي حاضري پڻ چيڪ ڪئي وڃي.

روهڙي ۾ گند ڪچري جي فوري طور صفائي لاء ميونسپلٽي آفيس ۾ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ڪنٽرول روم قائم ڪيو وڃي, سالڊ ويسٽ ڪنٽرول روم صبح 8 وڳي کان رات جو 8 وڳي تائين کليل ھجي جتي صفائي سٿرائي بابت شڪايتن تي فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي,

ڪنٽرول روم ۾ شڪايتون نوٽ ڪرڻ لاء رجسٽر جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي جنهن ۾ شڪايت ڪندڙ جو نالو, موبائل نمبر ۽ گند ڪچري واري هنڌ جو پتو درج ڪيو وڃي۔ ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن پاران ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو کي اولڊ سکر  ۽ سکر سٽي جي مختلف مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي۔ ڊي سي سکر جيئي شاھ واري روڊ ۽ رائل روڊ تي مين هولن جي فوري مرمت جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو, ڊپٽي ڪم

شنر ايم بي راجا ڌاريجو محرم الحرام کان اڳ جلسن جلوسن واري روٽس تي هيٽ ويو ڪيمپس قائم ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون۔  ڊپٽي ڪمشنر سکر لاڳاپيل

اسسٽنٽ ڪمشنر اولڊ سکر کي هدايت ڏيندي چيو تہ جلسن جلوسن واري روٽس جو تفصيلي دورو ڪري رپورٽ جمع ڪرائي۔ ڊي سي سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو سيپڪو جي اعلي آفيسرن کي هدايت ڪئي تہ ماتمي جلسن جلوسن وارن روٽس تان ڪريل ۽ لٽڪيل بجلي جون تارون جلد هٽايون وڃن۔

 ڊي سي سکر ضلعي اندر سڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاء روهڙي, سکر ۽ پنوعاقل ۾ ماتمي جلسن جلوسن واري روٽس تي سي سي ٽي وي ڪيئمرائون نصب ڪرڻ ۽ ڪلاڪ ٽاور کان ڪرن بيڪري تائين ٻيھر پيور بلاڪ لڳائڻ جي هدايت پڻ ڪئي۔

اجلاس ۾ اي ڊي سي ٽو بشرا منصور, اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي غلام مرتضیٰ, اسسٽنٽ ڪمشنر سکر سٽي عروت الوثقي, ڊي ايڇ او سکر ياسر گبول, ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر صلاح الدين, ايس ڊي او سيپڪو سکر مشتاق حسين سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو