سکر: ملڪ فلاحي جماعت جي صدر ملڪ فهد رضوان جو پريس ڪلب جو دورو – فوٽو جرنلسٽس جي خدمتن کي خراج تحسين، صحافين جي حقن جي حمايت جو اعلان
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ملڪ فلاحي جماعت جي صدر ملڪ محمد فهد رضوان سکر پريس ڪلب جو دورو ڪيو، ڪئميرا ۽ فوٽو جرنلسٽس جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.سکر. ملڪ فلاحي جماعت سکر ۽ الحق فائونڊيشن جي صدر ملڪ محمد فهد رضوان سکر پريس ڪلب جو دورو ڪيو. سندس دورو ڪئميرا اينڊ فوٽو جرنلسٽ ايسوسيئيشن سکر جي صدر جاويد گهنيو ۽ نائب صدر اشفاق احمد کوسو ڪيو.
دوري دوران ملڪ فهد رضوان چيو ته سکر پريس ڪلب جي هر نمائندي جو ڪم، ساراهه جوڳو آهي.خاص ڪري ڪيمرامين مظلوم مائهن جو آواز بلند ڪرائڻ سان گڊ شهر جي عڪس کي بهترين نموني اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته هو پريس جي آزادي جي جدوجهد ۾ صحافي برادري سان گڏ بيٺو آهيان.
دوري دوران، فوٽو جرنلسٽ ايسو سي ايشن جي عهديدارن صدر جاويد گهنيو، نائب صدر اشفاق کوسو، آفيس سيڪريٽري سڪندر چاچڙ، بخش علي ڦلپوٽو، مرتضيٰ سميجوسجاد سنجرائي. شعيب ملڪ حميد گل، اسامه طلعت ۽ ٻيا موجود هئا.ملڪ فهد رضوان جو چوڻ هيو ته دنيا ۾ چيٽ جي پي جي ۽ اي آئي جو دور هلي رهيو آهي پر هتي صخافدن جي حق جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته صحافين جي حقن جي حمايت م سندن هر قدم ساٿ هوندو. سکر پريس ڪلب م فوتو جرنلسٽ جو اهم ڪردار آهيو جيڪو پنهنجي ڪم وسيلي دنيا ۾ پاڻ مڃرائي چڪو آهي.سکر پريس ڪلب غريب مسقين ۽ بي پهچ ماڻهن جي مسئلن جو واحد مرڪز آهي جتان انهنن جو آواز سهي نموني اجاگر ٿئي ٿو. ڦوٽو جرنلسٽ جي صدر جاويد گهنيو ملڪ فلاهي تنظيم جي فلاحي خدمتن جي پڻ تعريف ڪئي.
مَي 27, 2025