بدلي ڪيل ججن لاءِ بنيادي اصول ڇا ۽ ڪيئن طئي ڪيو ويو؟ سپريم ڪورٽ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ججز سنيارٽي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم افغان سوال ڪيو ته بدلي ڪيل ججن لاءِ بنيادي اصول ڇا آهي ۽ ڪيئن طئي ڪيو ويو ؟
سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي بدلي واري ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ ڪئي جنهن دوران اٽارني جنرل پاڪستان دليل ڏنا.
اٽارني جنرل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽراسنفرنگ ججن جي نئين مقرري ناهي ٿي، جج بدلي ٿي آيا آهن ته نئين حلف جي ضرورت ناهي، سپريم ڪورٽ قرار ڏئي چڪي آهي ته سينيارٽي مقرري واري ڏينهن کان شروع ٿيندي.
اٽارني جنرل چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سنيارٽي جو تعين تڏوهڪي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيو، جسٽس عامر فاروق سنيارٽي جي تعين ۾ مڪمل آزاد هو، 4 هاءِ ڪورٽ چيف جسٽسز ۽ رجسٽرار جي رپورٽ ۾ ججن جي بدلي تي ڪو به سوال ناهي اُٿاريو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنجن ججن جي ريپريزنٽيشن تي جسٽس عامر فاروق فيصلو ڏنو.
جسٽس شڪيل احمد سوال ڪيو ته سيڪريٽري لا ٽرانسفرنگ ججن جي حلف نه کڻڻ جي وضاحت ڏنو ڏني؟ اٽارني جنرل چيو ته وضاحت انڪري هئي ته اڳواٽ منظوري کانپوءِ ججن جي نوٽيفڪيشن ۾ ابهام نه هو.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ججن جي ريپريزنٽيشن ۽ فيصلي تي درخواست گذارن ۽ وڪيلن دليلن ۾ ذڪر به نه ڪيو، جسٽس شڪيل احمد چيو ته ڪنهن به ريپريزنٽيشن ۽ فيصلي کي پڙهيو نه ئي دليل ڏنا.
اٽارني جنرل چيو ته آئين جي آرٽيڪل 200 تحت ججن جي بدلي جو مدو طئي ٿيل نه آهي، بدلي ٿيندڙ ججن لاءِ وقت مقرر ڪرڻ آئين ۾ نوان لفظ شامل ڪرڻ جيئن هوندو، ججن جي بدليءَ جو سڄو عمل عدليا ڪيو، ڇا ايگزيڪٽيو جو ڪردار نه هو.
جسٽس نعيم افغان سوال ڪيو ته ٽرانسفر ججن لاءِ بنيادي اصول ڇا ۽ ڪئين طئي ڪيو ويو؟
جسٽس ڊوگر جو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سنيارٽي لسٽ ۾ 15 هون نمبر هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سنيارٽي ڪيئن ۽ ڪهڙي اصول تحت ڏني وئي ؟
اٽارني جنرل چيو ته جڏهن هڪ جج ايڊيشنل جج طور قسم کڻندو آهي ته سندس سنيارٽي شروع ٿي ويندي آهي، جج ڪيترو وقت پنهنجي هاءِ ڪورٽن ۾ گذاري چڪا، ٽرانسفر کانپوءِ ان جو مدو به نظر اچڻ گهرجي، ڪنهن جج جي سنيارٽي ڇا هوندي، اهو ان هاءِ ڪورٽ کي طئي ڪرڻو هوندو آهي.
جسٽس شڪيل احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته مستقل ججن جي مقرري ته جڊيشل ڪميشن ڪندو آهي، ڇا مستقل بنيادن تي ججن جي بدلي ڪري جڊيشل ڪميشن جي اختيار کي غير اثرائتو ڪري سگهجي ٿو؟

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو