پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي آزاديءَ واري معاملي تي ڪارڪنن کي جذباتي نه ٿيڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر عمران خان جي آزاديءَ لاءِ ڪارڪنن کي جذباتن ظابطو رکڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو،
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ڪارڪن قيادت تي اعتماد ڪن، پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون.
هن چيو ته سندن ڪوششن بابت پي ٽي آءِ باني کي به ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ۽ اسان جيڪو ڪجهه به ڪري رهيا آهيون سندس صلاح مشوري سان ئي ڪري رهيا آهيون.
بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته ڪارڪن جذباتي ٿيڻ بدران قيادت تي اعتماد ڪن، اميد آهي ته عيد کان اڳ پي ٽي آءِ باني جو ڪيس لڳي ويندو،