پينشن سڌارن ۽ پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقن مٿان ٽيڪس جو بار گهٽايو ويندو، جڏهن ته پينشن نظام ۾ به سڌارا آڻڻ لاءِ ڪم جاري آهي.
اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته موجوده وقت ۾ ملڪ کي معاشي محاذ تي به قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي، فائنانشل ڊسپلن آڻڻ سان قرضن جو مجموعي ٻوجهه به گهٽجي ويندو.
هن چيو ته ماڻهو سوال ڪندا آهن ته پينشن سڌارن بابت ڇا ٿي رهيو آهي، ته اِهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ان تي به سنجيدگيءَ سان ڪم جاري آهي.
هن چيو ته بجيٽ رڳو آمدني ۽ خرچن جو حساب ناهي، پر اها هڪ معاشي حڪمت عملي آهي، جنهن ذريعي ملڪ کي پائيدار ترقي جي رستي تي آڻڻو آهي.
محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته حڪومت ڊگهي مدي وارن سڌارن لاءِ پرعزم آهي، جن ۾ ٽيڪس نظام، توانائي واري شعبي، سرڪاري ادارن، ۽ وفاقي حڪومت جي ڍانچي ۾ بهتري شامل آهي.
هن چيو ته قرضن جي نظام کي ٻيهر ترتيب ڏنو ويندو ۽ ان عمل کي جديد طريقي سان اڳتي وڌايو ويندو. ان سان گڏوگڏ سرڪاري ادارن جي نجڪاري واري عمل کي به تيز ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزير دعويٰ ڪئي ته عالمي سطح تي پاڪستان جي معاشي استحڪام کي ساراهيو پيو وڃي ۽ وياج جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي سان معيشت تي هاڪاري اثر پيا آهن.