يومِ تکبير _ پاڪستان جي سلامتي، سائنس، ۽ قومي وقار جو تاريخي ڏينهن: شاهه محمد شاهه

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر شاهه محمد شاهه چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيترائي ڏينهن اهڙا آيا جن جو ذڪر ڪرڻ تمام اهم ۽ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، انهن ڏينهن مان هڪ ڏينهن 28 مئي يوم تکبير جو به آهي ان ڏينهن تي ٿيل ڪارنامو ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي اهو پاڪستان جي تاريخ جو اهڙو عظيم ڏينهن هو

 جنهن ڏينهن اسان جي سائنسدانن، فوج ۽ حڪمرانن گڏجي دنيا ۾ پاڪستان کي ايٽمي طاقت وارن ملڪن جي صف ۾ شامل ڪيو اهڙو اظهار هن 28 مئي جي جاري ڪيل ويڊيو پيغام ۾ ڪيو. هن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جو شڪر ادا ڪندي چيو ته ٻنهي عظيم اڳواڻن ايٽم بم ٺاهي پاڪستان کي ناقابل شڪست بڻايو  هن وقت الحمدلله وطن عزيز پاڪستان جو علم آرمي چيف (فيلڊمارشل) عاصم منير سيد جي هٿ ۾ آهي

 جيڪو علي جي اولاد مان آهي۔ هن چيو ته پاڪستان لاءِ اهو ڏينهن اهم آھي ن جنهن کانپوء ڀارت حملو ڪرڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچڻ تي مجبورڪيو آھي ته پاڪستان هڪ  ايٽمي قوت آھي

 ان مٿان حملو ڪرڻ سان پنهنجو ئي نقصان ٿيندو. 28 مئي جو ڏينهن اسان جي عظمت، شان، وقار، قومي تاريخ ۽ 14 آگسٽ 1947ع کان پوءِ ٻيو قومي ڏينهن آهي. ان وقت جي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف عالمي دٻاءُ کي رد ڪندي

ان وقت جي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي 5 ٽيليفون ڪالن ۽ 5 ارب ڊالر جي پيڪيج کي رد ڪري پاڪستان کي اسلامي دنيا جي پهرين ۽ دنيا جي ستين ايٽمي طاقت بڻايو. هن چيو ته ميان محمد نواز شريف وطن عزيز کي ناقابل تسخير بڻائڻ جو هي بهادر قدم کڻي مسلم امه کي به رستو ڏيکاريو ته جيئن هو به ان تاريخ ساز قدم جي مهرباني سان دنيا ۾ فخر سان سر بلند ڪري سگهن اهو پاڪستاني قوم جي خوابن جي تعبير جو ڏينهن هو جڏهن الله تعاليٰ پاڪستان کي ناقابل تسخير بڻايو جنهن جو ڪريڊٽ ميان محمد نواز شريف، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، قومي هيرو ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۽ ان جي ٽيم کان علاوه پوري قوم کي وڃي ٿو،

جن ايٽمي پروگرام کي جاري رکڻ لاءِ هر قسم جي قرباني پيش ڪئي. زندهه قومون هميشه پنهنجن محسنن کي خراج تحسين پيش ڪنديون آهن.

هن چيو ته پاڪستان 28 مئي 1998 تي بلوچستان صوبي جي علائقي چاغي ۾ ڌماڪن ذريعي ڀارت جي  ايٽمي ڌماڪن جو جواب ڏنو هو. 27 سال اڳ ايٽمي ڌماڪن کان پوءِ پاڪستان مسلمان دنيا جي پهرين جڏهن ته دنيا جي 7هين ايٽمي طاقت بنجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ ان ڏينهن کي سمورا پاڪستاني “يوم تکبير” جي نالي سان ياد ڪن ٿا.

مَي 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو