مٺي: ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ ٿرپارڪر محمد عمر پنهور پاران ڇاڇرو ۾ کليل ڪچهري، عوامي مسئلن جا حل لاءِ آفيسرن کي هدايتون
مٺي. (ڊ-ر) صوبائي محتسب اعلیٰ سنڌ محمد سهيل راجپوت (ستارا امتياز) جي هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلیٰ ٿرپارڪر محمد عمر پنهور پاران سرڪٽ هائوس ڇاڇرو ۾ عوامي مسئلا ٻڌڻ لاءِ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي ريجنل ڊاريڪٽر مُحتسب اعليٰ ٿرپارڪر ڇاڇري جي عوام جون شڪايتون ٻڌيون ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي،
ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي ٿرپارڪر تعلقه اسپتال ڇاڇرو جو دورو ڪري مريضن جي علاج بابت معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر موهن لال ڌناڻي پاران اسپتال ۽ مريضن جي علاج بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي اسپتال انتظاميا کي مريضن جو بهتر علاج ڪرڻ سميت سمورن انتظامن کي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي،
ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي ٿرپارڪر محمد عمر پنهور پاران رکايل کليل ڪچهري ۾ شهرين ۽ مختلف ڳوٺن کان آيل ماڻهن ريلوي لائين، ٿرڪول، پيئڻ جي پاڻي، تعليم، صحت، روينيو، ٽائون جي صفائي سٿرائي، ۽ مختلف مسئلن بابت شڪايتون ڪيون ويون، انهي موقعي تي هن چيو ته مونکي اوهان جو احساس آهي،
اوهان جي درخواستن تي لاڳاپيل ادارن کان جلد جائز مسئلا حل ڪرايا ويندا. ڪا به شڪايت هجي ته ان جي حوالي سان درخواست مون تائين پهچايو، ضرور اوهان جو مسئلو حل ٿيندو. کليل ڪچهري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڇاڇرو محمد عثمان خاصخيلي، ٽائون چيئرمين مير مرتضي بجير، مختيارڪار سالم سميجو، تعليم، پوليس سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا.
مَي 26, 2025