سکر: ڊپٽي ڪمشنر ايم بي راجا ڌاريجو پاران پوليو خلاف قومي مهم جي شروعات، 5 سالن کان ننڍڙن ٻارن کي حفاظتي ڦڙا ڏيڻ تي زور
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو صحت کاتي جي لاڳاپيل عملدارن سان گڏجي اڄ کان شروع ٿيندڙ پوليو خلاف قومي مهم جي موقعي تي سٽي اسڪول, ايوب گيٽ ۽ چلڊرين اسپتال سميت مختلف اسپتالن ۽ ويڪسينيشن سينٽرن جو دورو ڪيو،
جتي ھن پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ واري عمل جو معائنو ڪيو ۽ ٽيمن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر ايم بي راجا ڌاريجو ڳالهائيندي چيو ته 5 سالن کان گهٽ عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پياريا وڃن ڪو به ٻار ڦڙا پيارڻ کان نه رهجي ۔ ڊپٽي ڪمشنر سکر پوليو ٽيمن تي زور ڀريندي چيو ته گهر گهر وڃي
5 سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بڻايو ته جيئن مستقبل جي معمارن کي سڄي عمر جي معذوري کان محفوظ بڻائي سگهجي هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڏيندي چيو ته مهم دوران سموريون پوليو ٽيمون فيلڊ ۾ رهن ۽ سندن فيلڊ ۾ حاضري کي پڻ يقيني بڻايو وڃي،
ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو والدين کي گذارش ڪندي چيو ته گهر گهر ايندڙ پوليو ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪن ته جيئن هن موذي مرض جو خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي۔
ڊپٽي ڪمشنر سکر لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پڻ هدايت ڏيندي چيو ته پوليو مهم وارن ڏهاڙن دوران هو پڻ فيلڊ ۾ رهن ڪم نه ڪندڙ ۽ غير حاضر عملي جي نشاندهي ڪن ته جيئن ان خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي.
مَي 26, 2025