سکر: ڇهه سالا ٻار جي پراسرار گم ٿيڻ تي والدين جو اعليٰ اختيارين کان ڳولا لاءِ اپيل
سکر(بيورورپورٽ) سکر جي نيو پنڊ ٿاڻي جي حدن مان ڇهن سالن جو ٻار پراسرار طور گم ٿي ويو، والدين پريشان، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي ڳولا ۾ مدد جي اپيل،ان سلسلي ۾ ٿاڻي نيو پنڊ جي حدن جي پوليس لائن نيو پنڊ سکر جي رهواسي جاويد تينو جو 6 ورهين جو پٽ رفيق احمد تنيو جيڪو نئين پنڊ ۾ قائم نجي اسڪول ۾ پڙهندو آهي ۔
اسڪول مان گهر لاءِ ويو پر گهر نه پهتو۔ ٻار جي پراسرار طور تي گم ٿيڻ تي وارث سخت پريشان ٿي ويا آھن وارثن موجب گم ٿيل ٻار جي ڳولا هر هنڌ ڪئي آھي پر هن جو ڪو به ڏس پتو ناهي ملي سگهيو ۔
پوليس به ٻار کي ڳولهي نه سگهي آھي معصوم ٻار جي پراسرار گم ٿيڻ تي گهر ڀاتي سخت پريشاني جو شڪار بڻيل آھن ۔ وارثن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي ٻار جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.
مَي 26, 2025