سکر: پسند جي پرڻي تي هاءِ ڪورٽ ۾ فائرنگ، جوابدار گرفتار

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد ل ڪلوڙ) سکر جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ رخسانه خروس ۽ عارف علي عدالت ۾ پيش ٿيا ته جوابدار غلام قادر خروس پنهنجي ڀائيٽي رخسانا خروس کي ڪارنهن الزام هيٺ پسٽل جا فائر ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن جوابدار غلام قادر خروس کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي،

 ڊي ايس پي سٽي بدرالدين ڀٽو ٻڌايو ته رخسانه خروس ۽ عارف علوي پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن بعد اڄ رخسانه خروس ۽ عارف علي هاءِ ڪورٽ سکر پهتا ته جوابدار غلام قادر خروس ڀائيٽي مٿان فائرنگ ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي، جوابدر غلا قادر خروس کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، رخسانه خروس جي مڙس عارف علي ٻڌايو ته اسان پسند جو پرڻو ڪيو هو،

جنهن بعد اڄ هاءِ ڪورٽ پهتاسين ته رخسانه خروس جي چاچي غلام قادر خروس فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي، واضح رهي ته جوابدار واڪ ٿرو گيٽ ۽ سيڪيورٽي باوجود هٿيار سميت هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي

مَي 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو