سکر: ورڪرز ماڊل اسڪول جي بس تيز رفتاري سبب بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي، ٻه ٻار زخمي
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ورڪرز ماڊل اسڪول سکر جي بس تيز رفتار سبب بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي، ٻه ٻار زخمي ٿي پيا، ٻارن جي رڙيون سبب علائقي ۾ خوف هراس پکڙجي ويو، واقعو تيز رفتار سبب پيش آيو، ريسڪيو ذريعا ان سلسلي ۾ سکر جي سائيٽ ايريا واري علائي ليبر ڪالوني لڳ ورڪرز ماڊل اسڪول جي بس ليبر ڪالوني پوليس پڪٽ جي ويجهو تيز رفتاري سبب بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي
جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ٻار زخمي ٿي پيا، حادثي دوران بس ۾ موجود ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويو مدد لاء زور سان رڙيون ڪندا رهيا ٻارڙن جي رڙين تي ليبر ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ٻاهر نڪري آيا رهواسين فوري طور تي زخمي ٻارن کي بس مان ٻاهر ڪڍي مقامي اسپتال منتقل ڪيو،ان ڏس ۾ ريسڪيو ذريعن موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آھي
جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن موجب بس ڊرائيور جي ڪنٽرول کان نڪري بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي جڏهن ته اسڪول انتظاميا واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.
مَي 26, 2025