سٺي خبر، برٿ ۽ ڊيٿ رجسٽريشن فيس ختم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت برٿ ۽ ڊيٿ رجسٽريشن رولز 2025 لاڳو ڪندي صوبي ۾ برٿ ۽ ڊيٿ رجسٽريشن فيس ختم ڪري ڇڏي.
پنجاب حڪومت جي ترجمان موجب صوبي ۾ برٿ ۽ ڊيٿ رجسٽريشن فيس ختم ڪئي وئي آهي، هاڻ برٿ ۽ ڊيٿ جي رجسٽريشن بنا معاوضي ڪرائي سگهبي، وزيراعليٰ جي هدايت تي برٿ ۽ ڊيٿ ڪمپيوٽرائزڊ سرٽيفڪيٽ مفت جاري ٿيندو.
ان حوالي سان مريم نواز چيو ته سڃاڻپ هر شهري جو بنيادي حق آهي، شهرين لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، سروسز حاصل ڪرڻ لاءِ ڊيٿ ۽ برٿ سرٽيفڪيٽ لازمي آهي، هاڻ شهري يونين ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪميٽي ۾ 7 سالن تائين بنا معاوضي جي داخلا ڪرائي سگهن ٿا.
برٿ ۽ ڊيٿ جي ليٽ رجسٽريشن تي ڪورٽ ڊگري جو شرط به ختم ڪيو ويو آهي، شهري وقت سر داخلا ڪرائي پنهنجي شهري حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهن ٿا.