سيوهڻ ۾ نوجوان جوڙي جي خودڪشي جي ڪوشش، پوليس پاران بروقت ڪارروائي بعد اسپتال منتقل، ڇوڪرو نازڪ حالت ۾
سيوھڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوهڻ، ڪراچي، ملير جي هڪ جوڙي سيوهڻ ۾ هڪ خانگي ريسٽ هائوس ۾ خودڪشي جي ڪوشش، بروقت اطلاع ملڻ تي پوليس نوجوان جوڙي کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو،
سيوھڻ اسپتال جي انتظاميه جو چوڻ آھي تہ ٻنھي نوجوان جوڙي مان ڇوڪرو جي حالت نازڪ ۽ ڇوڪري جي حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي،
ھنن نوجوان جوڙي جي سڃاڻپ بسمه ڌي صابر احمد انصاري ۽ اسامه ولد احمد ٿي آھي، ھيء سڃاڻپ اسپتال انتظاميہ ڪئي آهي،سيوهڻ پوليس جو چوڻ آھي تہ جوڙي جي والدين سان اڃان تائين رابطو نه ڪيو ويو آهي، سيوھڻ پوليس ھن واقعي جي وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي.
مَي 26, 2025