دادو: کوسا برادري جو گھر تان زوري بي دخل ڪرڻ خلاف پريس ڪانفرنس ۽ احتجاج، محمد عالم مگسي خلاف تحفظ جي اپيل
دادو(ڊ-ر) دادو شھر جي سورج آباد وارڊ نمبر 10 جي رهواسين کوسا برادري جي لياقت کوسو، گل حسن کوسو، وسيم کوسو، الھڏنو کوسو، اڪبر کوسو، سعيد احمد کوسو پنھنجي برادري جي معزز پاڙيسرين سان گڏجي دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته شھر جي وارڊ نمبر 10۾ اسان گذريل 35 سالن کان جنھن گھر ۾ رھون ٿا اھو گھر اسان اسماعيل شاھاڻي کان 1991ع ۾ خريد ڪيو ھو،
جنھن گھر جي ھاڻي وري مالڪي محمد عالم مگسي پيو ڪري جڏھن گھر جو خريدار نالي محمد بخش کوسو آھي جيڪو وفات ڪري ويو آھي ان جي فوت ٿيڻ بعد محمد عالم مگسي جڳھ جي مالڪي ڪري رھيو آھي ان اسماعيل شاھاڻي کي جڳھ وڪرو ڪري ڏني هئي، مرحوم محمد بخش کوسو اسماعيل شاھاڻي کان خريد ڪئي هئي ۽ بئنڪ جو لون به اسان ادا ڪيو آهي،
اسان وٽ جڳھ جي بجلي ۽ گئس جا بل پڻ اصلي مالڪ محمد بخش کوسو جي نالي تي ۽ پڪي ايگريمينٽ به اسان وٽ آھي گذريل 35 سالن کان اسان مذڪوره جڳھ ۾ رھون ٿا ان لاء اسان جي پاڙي جا ماڻھو جيڪي وڻ وڻ جي ڪاٽي آھن اھي شاھدي طور تي اڄ پريس ڪانفرنس دوران موجود آھن پر محمد عالم مگسي دادو جي سول ڪورٽ مان فيصلو وٺي اسان کي پنھنجهي گھر مان پوليس جي زور تي زوري بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي 2 کان وڌيڪ ڀيرا پوليس وٺي گھر ۾ زوري داخل ٿي عورتن کي معصوم ٻارن سميت گھر مان بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي،
ھر وقت خونريزي جو خطرو موجود آھي جنهن سبب اسان جي پاڙيسرين ۾ پڻ بيچيني ڀکڙيل آھي، اسان ھن پريس ڪانفرنس ذريعي چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت اختيارين ۽ ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ محمد عالم مگسي نالي شخص جيڪو پنھنجي برادري ۽ پوليس جي مدد سان زوري گھر جو قبضو وٺڻ چاھي ٿو ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي
پريس ڪانفرنس ڪندڙن پاڻ سان ٿيندڙ ھڪ بااثر شھري محمد عالم مگسي جي ڏاڍ ۽ نا انصافي خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو پڻ ڪيو ان موقعي تي کوسا برادري سميٽ پاڙيسرين احتجاجي مظاھري ۾ شرڪت ڪئي مظاھرين نٽھڻ اس تي بيھي ناانصافي خلاف نعريبازي ڪئي،
مَي 26, 2025