دادو: ريجنل محتسب اعليٰ سيد امداد حسين شاهه جو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو دورو، سهولتن تي اطمينان جو اظهار، ايم ايس کي شاباس

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )  ريجنل محتسب اعليٰ دادو سيد امداد حسين شاهه ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو جو اوچتو دورو ڪري مريضن کان صحت جون ملندڙ سھولتن بابت پڇا ڪئي ان موقعي تي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي ريجنل محتسب اعليٰ  ڊادو سيد امداد حسين شاهه کي تفصيلي دورو ڪرايو،

 ان موقعي تي محتسب اعليٰ ريجنل دادو سيد امداد حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو جو تفصيلي دورو ڪيو آهي جنهن ۾ ايمرجنسي وارڊ، ڊائيلاسيز وارڊ، جنرل او پي ڊي ٻارڙِن جو وارڊ ، گائيني وارڊ، آئي سي يو وارڊ، آپريشن ٿيٽر، ميڊيڪل اسٽور ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته دادو جهڙي شهر ۾ اهڙي اسپتال موجود آهي،

 لمس انتظاميه ۽ ايم ايس ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي جس لهڻين جن ايتري محنت ڪري هن اسپتال کي هلائيو آهي ايم ايس کي مان شاباس ڏيان ٿو ۽ دادو جي عوام کي اهو چوان ٿو ته نوجوان ايم ايس ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي جو ساٿ ڏيو،

مَي 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو