جيڪي پارليامينٽ ۾ ئي نه آهن، تن کي مخصوص سيٽون ڪيئن ملي سگهن ٿيون؟ آئيني بئنچ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڪيئن ملي سگهن ٿيون؟ جيڪا سياسي جماعت پارليامينٽ جو حصو ئي نه هجي ان ۾ آزاد اميدوار ڪيئن شامل ٿي سگهن ٿا؟
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 11 رڪني بئنچ مخصوص سيٽن واري فيصلي تي نظرثاني بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران بئنچ ۾ شامل جسٽس شاهد بلال پڇاڻو ڪيو ته ڇا جيڪا جماعت ڌر ئي نه هجي، ان کي به سيٽون ڏئي سگهجن ٿيون؟
درخواستگذار وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته سني اتحاد ڪائونسل موجب آزاد اميدوار ان سان شامل ٿي ويا هئا، پر جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته ڇا سني اتحاد ڪائونسل پاڻ چونڊن ۾ حصو ورتو هو؟ جنهن تي مخدوم علي خان جواب ڏنو ته نه، جماعت چونڊن ۾ حصو نه ورتو، ان جو چيئرمين حامد رضا پاڻ به آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهيو.
جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن جي حقدار نه آهي، اِها پارلياماني جماعت بڻجي سگهي ٿي، پر مخصوص سيٽن جي حقدار نٿي بڻجي.
مخدوم علي خان موقف اختيار ڪيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي اپيل گڏيل طور رد ڪئي وئي، مخصوص سيٽن تي چونڊيل اميدوارن کي نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو.
ان تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته عدالت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو هو ۽ عدالت آڏو اهو نوٽيفڪيشن ئي موجود هو.
مخدوم علي خان چيو ته جيڪڏهن نوٽيفڪيشن مان ڪو متاثر ٿئي ٿو ته عدالت کي نوٽيس ڪرڻ گهرجي ها، فيصلي ۾ آرٽيڪل 225 جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو، ان آرٽيڪل تحت ڪنهن اليڪشن تي اعتراض نٿو واري سگهجي.
جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته آرٽيڪل 225 هن ڪيس تي ڪيئن لاڳو ٿي سگهي ٿو؟ جسٽس مظهر چيو ته هي مخصوص سيٽن جو معاملو آهي، مخصوص سيٽون ڪنهن پارٽيءَ طرفان چونڊن ۾ حاصل ڪيل عام سيٽن جي اصول تحت الاٽ ٿين ٿيون.
مخدوم علي خان چيو ته مخصوص سيٽن جي فهرست چونڊن کان اڳ جمع ڪرائبي آهي، جيڪڏهن نامزدگي ڪاغذن ۾ غلطي هجي ته اهو معاملو ٽربيونل ۾ وڃي ٿو.
جسٽس جمال رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان جي دليل کي مڃي ته پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ کي به هي ڪيس ٻڌڻ جو اختيار نه هو.
وڪيل مخدوم علي خان چيو ته ان وقت تائين مخصوص اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيا هئا، عدالت جي ذميواري آهي ته آئيني ۽ قانوني طور تي غلط فيصلي کي درست ڪري.
ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد بلال سوال ڪيو ته ڇا تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ ڌر هئي؟ ڇا جيڪا سياسي جماعت ڌر ئي نه هجي، ان کي مخصوص سيٽون ڏئي سگهجن ٿيون؟ مخدوم علي خان چيو ته جيڪا سياسي جماعت ڌر نه هجي ان کي سيٽون نٿيون ملي سگهن.
جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته مخدوم صاحب، مون کي سمجهڻ ۾ مسئلو ٿي آهي، سني اتحاد ڪائونسل ته هڪ به سيٽ ناهي کٽي، ان جو چيئرمين به پنهنجي جماعت جي پليٽفارم تان چونڊ نه وڙهيو، پوءِ ان جماعت کي مخصوص سيٽون ڪيئن ملي سگهن ٿيون؟ جڏهن ته تحريڪ انصاف ته ڌر به نه هئي ته پوءِ سيٽون ڪيئن ڏئي سگهن ٿيون؟
مخدوم علي خان چيو ته اڪثريتي فيصلي ۾ ”آئيني وفاداري“ جو نظريو استعمال ڪيو ويو، پر آئيني وفاداريءَ واري نظرئي جي ڳالهه ڪڏهن ڪڏهن جذباتي محسوس ٿئي ٿي.
ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جو وڪيل ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پنهنجا دليل پيش ڪندو.