جدوجهد جي ميدان ۾ لال جروار جون بي لوث خدمتون

Spread the love

ذوالفقار راڄپر

 تازو اديءَ حورالنساءِ جي آخري سفر تي جنگشاهي جي تاريخي انقلابي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ٻين ساٿين سان گڏ لال جروار سان ملاقات ٿي ته پنهنجي بيماري ۽ بي وسي ڳوٺ کان پرڀرو جنگشاهي جي ٽڪرين ۾ ڀٽڪڻ لاءِ رواني ڪري ڇڏيم، جڏهن اها خبر پئي ته ڪامريڊ لال جروار کي سيني جي تڪليف سان گڏ دل جو مرض به لڳي ويو آهي، پر هن سان ٿيل ڪچهري ۽ اديءَ حور جي آخري سفر جي تيارين ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمزوري نظر نه آئي، مان هن کان اڳ سنڌ جي قومي سياست جي ميراث ڏاڏا قادر، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي تي گهڻي وقت کان لکڻ پي چاهيم، حڪيم هاليپوٽو کان ماما عارب تائين قيمتي غير معمولي انسان به اسان کان اوچتو وڇڙي ويا، جن تي به لکندس، زندگي بار بار بند گهٽيءَ ۾ ڦاسڻ ڪري ڪيتريون ئي خواهشون وقت سر نسري نه ٿيون سگهجن.

بهرحال، لال جروار پنهنجي عوامي تحريڪ جي ٻن سالن جي صدارت جي دور ۾ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي  جي خال کي اڌورو رهڻ نه ڏنو ۽ پارٽي هدايتن تحت ڊگهڙي کان سکر، لاڙڪاڻي، ڪراچي، لنڊن تائين  سنڌ جي قومي تحريڪ جو جهنڊو بلند رکيو، هن نه فقط پنهنجي صدارتي عهدي دوران پرجوش سرگرميون جاري رکيو، بلڪ صدارت جو مدو پورو ٿيڻ بعد به سنڌ  جي جهر جهنگ ۾، ننڍن وڏن ڳوٺن، شهرن جي هوٽلن، مانڊين ۽ دڪانن تائين سنڌياڻي تحريڪ  ۽ عوامي تحريڪ جي سنڌو درياءَ بچائڻ جي عوامي سجاڳي لاءِ پمفليٽ ورهائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، هن جي ان ڪردار ڪري اها ڳالهه محسوس ٿي ته عوامي ۽ انقلابي سياست ۽ پارٽي جا مرڪزي صدر ۽ اڳواڻ اهڙا ئي هوندا آهن، جن تي روسي اديبن ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون هيون، انهن سڀني پڙهندڙن کي هڪ دفعو ٻيهر اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اڄ جي جديد سنڌ جي پنهنجي قومي حقن،  پنجاب ۽ وفاق طرفان سنڌو درياءَ بادشاهه کي قتل ڪري سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائي پنجابي اسٽبلشمينٽ غير ملڪين کي سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ واري پاڪستان ۽ سنڌ دشمن عالمي سامراجي سازش خلاف جيڪا پرامن جمهوري  مزاحمتي جنگ جا طبل ٻڌون ٿا ۽ ان خلاف مزاحمت جو آغاز آسمان مان ڇٽي وسيلي لٿل يا لاٿلن شخصيتن جو نه پر سنڌ جي پاڻي واري ڪيس جي وڏي وڪيل رسول بخش پليجو جنهن عوامي جدوجهد جو بنياد رکيو ۽ ان ۾ سموري سنڌي عوام ۽ پارٽين کي ان ڌارا ۾ شامل ڪيو هو، ان جي وڏيل بنيادن تي لال جروار جهڙن ماڻهن جو بنيادي ڪردار رهيو آهي ، جيڪي پنهنجي پارٽي ضابطن ۽ هدايتن تحت سنڌ جي عوام جي رڳ رڳ ۾ سنڌو درياءَ جي لاءِ جنگ ڪرڻ جي وچن کي ائين بارود وانگر ڀري ڇڏيو آهي، جيئن رسول بخش پليجو ڪالا باغ ڊيم کي سنڌ ۾ مٿان وڏو حملو قرار ڏئي بينظير ڀٽو سميت سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ٿيڻ تي مجبور ڪيو هو.

لال جروار ان جي نقش قدم تي هلندي  پنهنجي جنم ڀومي ڳوٺ شير خان جروار ڊگهڙي دور ۾ پنهنجي قائد رسول بخش پليجو جي سياست ۽ پارٽي کان متاثر ٿي 1982 ۾ عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ اتان جي مقامي قيادت ۾ هن جي سياسي تربيت هڪ بينڪ آفيسر زوار خان جروار ڪئي، لال جروار 1983 ي ايم آرڊي تحريڪ کان وٺي ڪالاباغ ڊيم، اينٽي ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي، سنڌي عوام جو قومي اتحاد لانگ مارچن ۽ ٻين سرگرمين ۾ پنهنجو بنيادي ڪردار ادا ڪيو، هو پارٽي جي قائد محترم رسول بخش پليجي صاحب سان انتھائي ويجھو ۽ آخري وقت تائين بااعتماد ساٿي رهيو. پليجي صاحب جي جسماني طور جدا ٿي وڃڻ کان پوءِ به ساڳي سرگرمي سان ڪم ڪندي پارٽي جو ٻن سالن لاءِ مرڪزي صدر چونڊيوويو.

صدارت جي دوران ڪارپوريٽ فارمنگ جي وسيلي زمينون وفاقي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ، سنڌو دريا جي پاڻي تي ڌاڙن، معدني وسيلن ۽ تاريخي ماڳن مڪانن ۽ سامونڊي پٽي تي قبضن، ڊجيٽل آدمشماري، مھا ھٿرادو ٻوڏ ۾ ماڻھن کي ٻوڙڻ جھڙن سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاجي ريليون جلسا جلوس، سيمينار ڪانفرنسون منعقد ڪيون .ڌڙايل راڄ خلاف احتجاجي جلسا ڪري ڌاڙيلن ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ته انسانن کي اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ کي نفعي بخش ڪاروبار ۾ تبديل ڪيو ويو آھي. ان ۾ سردار، وڏيرا، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ شامل آھن جن کي ڪچي جي سون جھڙين زمينن تي قبضو ڪرڻو آھن. پارٽي ۽ هن جي  مسلسل سرگرمين ڪرڻ ڪري  ڊجيٽل بوگس آدمشماري خلاف سانا طرفان سڏايل ڪانفرنس ۾ ڪيل تقرير ۾ رکيل مضبوط ڪيس کي عوام ساراھيو.ان کان پوءِ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي دعوت تي لنڊن ۾ به سنڌ جو ڪيس رکي آيو، هو پارٽي جي فرمانبردار ڪامريڊ وانگر سنڌ جي گرمي ۽ ٿڌ ۾ هلندي هلندي نيٺ آخر بيمار ٿي پيو کيس نمونيا جي حملي سندس ڦڦڙن کي ڪمزور ڪري وڌو ۽ کيس اها به خبر پئجي نه سگهي ته سندس کاٻي پاسي جي سور ۾ هو دل جو مرض کڻي هلي رهيو آهي، جيڪڏهن هو ساٿين جي تڪڙي هدايتن تحت اسپتال وڃي دل نه کولي رکي ها ته شايد هن تي ٻي قسم جو مضمون لکان ها.

لال جروار خوش قسمت آهي ته هن کي پنهنجي علاج لاءِ ٻي ڪنهن جي محتاجي نه آهي، کيس ڪٽنب آهي، پر پوءِ به جيڪڏهن هن جي زندگي جي بچاءُ  لاءِ ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت پئي ته سندس خوشحال ساٿي يا پارٽي يقينن هن جو ساٿ نه ڇڏيندي ۽ هن سان سهڪار ڪندي کيس اڌ رستي ۾سهڪار جو ساٿ ختم ڪرڻ  يا اڻ پوري توجهه ڏيڻ وارن روين کان احتياط ڪيو ويندو ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتي وانگر هن جو به خيال رکيو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي هن جي هر قسم جي سنڀال ڪئي وڃي ، لال جروار نه فقط پنهنجي پارٽي جو جو بلڪ سموري سنڌ جي قومي جدوجهد جو به اثاثو ۽ ميراث آهي.

مَي 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو