اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ گهونو لُنڊ جو اسڪول بنيادي سهوليتن کان محروم، 150 کان وڌيڪ ٻارڙا هڪ ڪمري ۾ تعليم تي مجبور
مٺي(رپورٽ: الهڏنو بجير) اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ گهونو لُنڊ جو پرائمري اسڪول بنيادي سهوليتن کان محروم، جڏھن ته 150 کان وڌيڪ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هڪ ڪمري ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور،
تفصيل موجب: اسلامڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ گهونو لُنڊ جو پرائمري اسڪول ڪيترن ئي سالن کان صرف هڪ ڪمري ۾ هلي رهيو آهي جتي 150 جي لڳ ڀڳ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي فرنيچر نه هجڻ سبب زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اسڪول ۾ بنيادي سهوليتن جي کوٽ سنگين شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. اسڪول جي چوديواري ناهي، صاف پاڻي، واش روم ۽ بجلي جهڙيون بنيادي ضرورتون به موجود نه آهن.
ان سان گڏوگڏ استادن جي پڻ کوٽ آهي جنهن ڪري تدريسي عمل متاثر ٿي رهيو آهي. ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي وزير، سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي نياڻين جي تعليم لاءِ الڳ گرلس اسڪول ڏيڻ سان گڏوگڏ پرائمري بوائز اسڪول جي لاءِ بنيادي سهوليتون ڏنيون وڃن ته جيئن اسانجا معصوم ٻارڙا آساني سان تعليم پرائي سگهن.
مَي 26, 2025