اسلام آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ هائوسنگ سوسائٽين خلاف فوري طور ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ هائوسنگ سوسائٽين خلاف فوري طور ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف فوري ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس دوران بنا منظوري جي ٺاهيل گھرن سان گڏ غير منظور هائوسنگ سوسائٽين خلاف به سخت ڪارروائي تي اتفاق ڪيو ويو.
گهرو وزير محسن نقوي چيو ته لاڳاپيل عملدار زيِرو ٽالرينس پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائين ۽ سيٽلائيٽ ميپنگ ذريعي هر قسم جي غير قانوني تعمير کي روڪيو وڃي، اسلام آباد ۾ شهرين کي عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي کي ترجيح ڏني وڃي.
محسن نقوي لاڳاپيل ايس پيز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي فعال نموني سان ذميواريون نڀائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پوليس ۽ انتظاميا جي سڃاڻپ بهتر بڻائڻ ضروري آهي، جيڪو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن شهري اعتماد ڪن.
هن چيو ته شهري سهولتن لاءِ لاڳاپيل عملدار نوان قدم کڻن ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پوري عزم سان هي عمل قومي جذبي سان اڳتي وڌايو وڃي.
گهرو وزير اسلام آباد ۾ عام واهپي وارين شين جي اگهن تي ڪنٽرول يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي ۽ چيو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي شهر جي صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي.

مَي 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو