پنجاب ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، مختلف واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت، 41 زخمي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي، مختلف واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 41 زخمي ٿي پيا.
پي ڊي ايم اي ڇنڇر ڏينهن صوبي ۾ طوفاني برساتن سان ٿيل نقصانن جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب آنڌاري ۽ طوفان سبب حادثن ۾ 7 شهري فوت ۽ 41 زخمي ٿيا، واقعا ڪچا گهر ڪرڻ ۽ غير محفوظ هنڌن تي پيش آيا.