ٻن سالن ۾ پاڪستان جو روينيو لڳ ڀڳ ٻيڻو ٿي ويو آهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن سالن ۾ پاڪستان جي آمدني لڳ ڀڳ ٻيڻي ٿي وئي آهي.
آءِ ايم ايف جي اختيارين موجب پاڪستان جي آمدني 9.6 ٽريلين رُپين کان وڌي 18 ٽريلين رُپين تائين پهتي آهي.
ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته آمدنيءَ ۾ واڌ ٽيڪس وصولين، نون ٽيڪسن ۽ مرڪزي بينڪ جي مدد سان ممڪن ٿي.
ٻئي پاسي معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمدنيءَ ۾ واڌ مصنوعي آهي، گذريل ٻن سالن دوران ٽيڪس نيٽ ۾ ڪا خاص تبديلي ناهي آئي، ٻن سالن دوران ٽيڪسن جي شرح ۾ وڏي پيماني تي واڌ ڪئي وئي، جنهن سان پگهاردار طبقي ۽ صنعتي شعبي تي بار وڌي ويو.
معاشي ماهرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيلز ٽيڪس جي شرح 12 سيڪڙو مان وڌائي 15 ۽ پوءِ 18 سيڪڙو ڪئي وئي، هن وقت ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس آهي پر ان باوجود رُپئي جي اگهه کي گهٽايو پيو وڃي، دنيا ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي پر پاڪستان ۾ اها وڌي رهي آهي.