مٺي: قدرتي وسيلن سان مالا مال ٿر ۾ حڪومتي لاپرواهي، لوڻ جي صنعت جي واڌاري ۽ روزگار لاءِ فيڪٽرين جو مطالبو

Spread the love

مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) ضلعو ٿرپارڪر ظاهري طور تي هڪ پسمانده غربت، جهالت توڙي بنيادي سهوليتن کان محروم علائقو تصور ڪيو وڃي ٿو پر هي خطو جاگرافي ۽ زميني لحاظ کان قدرتي معدني وسيلن ۽ ذخيرن سان مالا مال ٿيل امير ترين بياباني علائقو آھي جتي وڏي تعداد ۾ معدني ڪوئلي جا ذخيره مليا آھن

جتي ڪيترن ئي سالن کان ڪوئلي جي کاڻين مان کوٽائي جو ڪم هلندڙ آھي ته وري ٿر جي ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪري ملڪي معشيت ۾ ٿر پنھنجو حصو ڏيئي رهيو آھي

 ان کان سواءِ تعلقي ننگرپارڪر ۾ قيمتي گرينائيٽ پٿر ۽ چائنا قلي (سفيد مٽي) جا ذخيرا پڻ موجود آھن ان کان سواءِ تعلقي ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو ۽ ڪلوئي جي مختلف ڳوٺن ۾ قدرتي لوڻ جون ڪيتريون ئي کاڻون ۽ لوڻ جا سن ۽ ذخيرا موجود آھن جتي ڪجھ ڳوٺن جي لوڻ جي کاڻين مان اهو ٿر جو اعليٰ قسم جو لوڻ کوٽائي ڪري ٽرڪن ۽ ٽيلرن ذريعي هتان کان ڪراچي ۽ ٻين شھرن جي لوڻ جي فيڪٽرين ۾ موڪليو وڃي ٿو جتان لوڻ جي صفائي ٿيڻ بعد ان کي مارڪيٽن تائين رسائي ملي ٿي ۽ ٿر جو اهو بهترين لوڻ سڄي ملڪ ۾ روز مره جي شين جيان استعمال ٿئي ٿو ۽ ٿر جو اهو لوڻ ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ امپورٽ پڻ ڪيو وڃي ٿو جنهن مان غير ملڪي ناڻو به ڪمايو پيو وڃي

 جڏھن ته تعلقي اسلام ڪوٽ ۾ هڪ لوڻ جي فيڪٽري به ڪم ڪري رهي آھي جنهن ۾ اٽڪل 2000 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻھو روزگار سان لڳل آھن جڏھن ته حڪومت سنڌ جي توجھ نه هجڻ ڪري ٿر ۾ لوڻ جي صفائي جون وڌيڪ فيڪٽريون نه لڳڻ سبب انهن علائقن کي تبديلي يا روزگار جي موقعن کان محروم رکيو ويو آھي انهي سلسلي ۾ ميڊيا جي هڪ ٽيم اسلام ڪوٽ تعلقي جي هڪ ڳوٺ گهونو لُنڊ جي ڪجھ لوڻ جي کاڻين جو دورو ڪيو جتي غريب مزدور ماڻھو پنھنجو پيٽ پالڻ خاطر سخت گرمي ۾ لوڻ ڪڍي ٻورين ۾ ڀرندي نظر اچي رهيا هئا.

ان حوالي سان صحافين سان ڳالھائيندي ڳوٺ جي معزز شخصيت قادر بخش لُنڊ ۽ هڪ مقامي نوجوان عباس علي لُنڊ چيو ته اسانجي علائقي ۾ لوڻ جي کاڻين جا وڏا قدرتي ذخيرا موجود آھن ۽ اسانکي لوڻ جي کاڻين مان وڏو روزگار ملي سگهي ٿو پر ڪيترن ئي سالن کان وقت جي حُڪمرانن لوڻ جي کاڻين تي ڪو توجھ نه ڏنو آھي جنهن ڪري وسيلا هجڻ باوجود به مقامي ماڻهن کي ڪوبه روزگار يا ٻيون بنيادي سهوليتون نه ملي سگهيون آھن. هنن وفاقي توڙي صوبائي حڪومت سنڌ کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته اسانجي علائقن ۾ لوڻ جو فيڪٽريون قائم ڪيون وڃن ته جيئن لوڻ جي کوٽائي مان وڌيڪ روزگار جا وسيلا فراهم ٿي سگهن ۽ غربت جهڙي موذي مرض مان ڇوٽڪارو ملي سگهي.

مَي 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو