سيوهڻ: شهيد لغاري ڀائرن جي قتل خلاف جيئي سنڌ جي سڏ تي شٽر بند هڙتال، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) مورو ۾ قتل ٿيل زاهد لغاري ۽ شهيد عرفان لغاري جي مڙھ سان انصاف لاء سموري سنڌ جيان  سيوهڻ شريف ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جي سڏ تي شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي،

 سيوهڻ شريف ۾ جسقم ڪارڪنن ڪامريڊ اڪبر ملاح ۽ نثار سولنگي جي اڳواڻي ۾ سيوهڻ شريف جي شاھي بازار ، ڌمال چونڪ ،پراڻو بس اسٽاپ  سميت شهر جون مختلف بازارون مڪمل طور تي بند رکيون ويون،  جڏهن ته ڪٿي ڪٿي جزوي ھڙتال پڻ رھي،

 ان موقعي تي ڪارڪنن ڳاڙھا جھنڊا ھٿ ۾ کڻي قومي شھيد ڪارڪنن عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري جي قاتلن جي گرفتاري لاء نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاڻ حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي ۽ سڄي سنڌ مان ڪارڪنن کي گرفتار ڪري رھي آهي، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا،

هنن وڌيڪ چيو ته شھيد عرفان لغاري ۽ شھيد زاھد لغاري جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري گرفتار ڪيل قومي ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪيو وڃي،  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

مَي 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو