ريت جي آڪاس ۾ ڌرتيءَ جي کوج
رکيل مورائي
ڪڇ ڌرتيءَ جو آئينو آهي، ۽ مان پنهنجو ڏُڪار کان پاهه ٿيل چهرو انهن ماڻهن ۾ ڳوليان ٿو، جن کي ٻڌي ليکي ڪڇي (ڪڇ ۾ رهندڙ) چئجي ٿو. اهي سمورا چهرا مون جهڙا، ٻه اکيون، ٻه ڪن، ٻه پير ۽ ٻي سڄي شبيهه مون جهڙي، ته ڪهڙي چيز آهي، جيڪا کين مون کان الڳ ڪري ٿي. ٿلهي ليکي اڄ جي سنڌ کي جيڪڏهن مان ڏڪار سٽيل سنڌ چوان ته ڪهڙو حَرجُ؟
احساس جو ڏُڪار، عقل جو ڏڪار، تخليق جو ڏُڪار ۽ پاڻيءَ جو ڏُڪار سڀ هڪ جهڙا ئي ته آهن. جيڪڏهن رڳو پاڻيءَ جي ڏُڪار کي کڻي ڪڇ تائين آڻبو ته اڄ جي سنڌ ۽ ڪڇ ۾ بنهه ٿورو فرق محسوس ٿيندو. البت سنڌ جي اڄوڪي صورتحال کي ڏسي، فقط هڪ سِرو/عنوان نٿو ڏيئي سگهجي جيڪو سِرو/عنوان سنڌيءَ جي ذهين ليکڪ هريش واسواڻيءَ پنهنجي سفر کي ڏنو آهي، پر هونئن ڌوڙ ۽ ريت ۾ ڀلا ڪهڙو فرق آهي. درياءَ يا سَرَ جي پيٽ ۾ ته ريت ئي اڏامندي جيئن سنڌ ۾ ڌوڙ اُڏامي رهي آهي. فرق وري به ٻن لفظن درياءَ/سَرَ جو آهي، سنڌ ته هونئن ئي اهم حوالو آهي جيڪو علامتيءَ به ٿي سگهي ٿو، جنهن جو ڪو سڌو واسطو هريش جي سفر نامي سان جڙيل نه آهي. واڌو لفظ آڪاس آهي، جنهن کي هريش واسواڻيءَ نسبتي کنيون آهي.
جيڪڏهن مان ڪَڇُ ڏسان ها ته يقينن سڀني نسبتن جي وضاحت ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ها! پر جيئن ته مون ڪڇ کي ڏسڻ بدران پڙهيو آهي، فقط پڙهيو آهي، ان ڪري مان ان احساس جي حوالي سان ئي ڪجهه لکي سگهندس.
ها اِهو ضرور آهي ته ڪجهه لکيل پڙهبو آهي يا پڙهي وڃبو آهي پر ڪجهه لکيل پڙهڻ سان گڏ ماڻبو به آهي ته ڀوڳبو به!
ائين ئي مون ڪَڇَ جي سموري پيڙا نه رڳو پڙهي آهي پر ان جي رُڃ جي احساس کي، جيڪو تپندڙ احساس آهي، ان کي پنهنجي اندر ۾ اوتيو آهي ۽ محسوس ڪيو آهي. ڪڇ جي ماڻهن، تلائن، ڳوٺن، رستن ۾ خاص ڪري گاهن جي ان احساس کي، جيڪو پاڻيءَ کان سواءِ گُهلندڙ لُڪ سندن نڙيءَ کي ڏياريندي هوندي يا جڏهن سج سندن تارونءَ جي مٿان بيهي ٽانڊا اوڳاڇيندو هوندو، ڪڇ جي ريت/واريءَ جي تپش نه رڳو محسوس ٿي پر ان جو اثر اکين جي ماڻڪين ۾ ڪرڻ به لڳو آهي. ان ڪري شايد زندگيءَ ڀر ڪَڇَ ڪڏهن به ڏسڻ نه چاهيان.
اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ جي ٿر ۽ هند جي ڪَڇَ جي حالتن ۾ شايد ڪو به فرق نه هجي! ريت جي آڪاس ۾ اڏامڻ جي خواهش هريش جي من ۾ ممڪن آهي، اڃا به ڪر ساهيندي هجي، ڇو ته هريش جي اکين کان وڌيڪ هن جي حساسيت اهڙو ڪجهه ٻڌائي ٿي، مون محسوس ڪيو آهي ته هن لکڻيءَ ۾ هريش جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي، ان کان وڌيڪ جيڪو ڪجهه محسوس ڪيو آهي ان کي اظهاريو آهي. جنهن ڪري اها احساس جي شدت ۽ ان جو اهڙو تپش ڀريو اظهار ئي هن سفر نامي جي اصل سڃاڻپ آهي. هونئن ته ڪڇ کي ڪو به، ڪيئن به ڏسي ۽ اظهاري سگهي ٿو ۽ ان اظهار کي معلومات حاصل ڪرڻ جي حد تائين پڙهي به سگهجي ٿو. پر هن سفر نامي جي سڃاڻپ اول ۽ آخر آهي ئي اها ته هن کي فقط محسوس ڪري سگهجي ٿو.
ڪڇ جو ڪو به روپ اهڙو نه آهي جيڪو هن ڪتاب ۾ نه آيو هجي، اهو به سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ غير معمولي لکڻيءَ جي سڃاڻپ طور! جنهن کي مان سنڌي ٻوليءَ جو ”ماسٽر پيس“ چوان ته مون کي خوشي ٿئي.
ڀُڄَ ۾ آيل زلزلا هن جا قدرت جي بيحسيءَ جي خلاف شايد احتجاج هُجن پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرائڻ لاءِ، سچ ته اهو ئي آهي ته ڀُڄَ ان ئي حالت ۾ هجڻ گهرجي، جنهن حالت ۾ هريش هن کي ڏٺو آهي ۽ اظهاريو آهي. ياد نٿو اچي ڪنهن دوست ٿر کان موٽندي هڪ ڪمال جو جملو چيو هُئو ته ”ٿر جي ڏڪار کي به پنهنجي هڪ خوبصورتي آهي“ ائين ئي ڪڇ کي هريش جي اکين سان ڏسڻ کان پوءِ اهڙو اظهار ڪري سگهجي ٿو ”کاوڙا“ کان وٺي ”ٻني“ ۽ ”ٻنيءَ“ کان وٺي ”ڏوري“ ڳوٺ جا سڀ احساس ته آهن. هن سفر نامي ۾.
ياد ٿو اچيم ته ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي صاحب جڏهن ڪلهوڙا سيمينار ۾ سنڌ آيو هو ته هن ٻنيءَ واري علائقي جي ڪلچر بابت هڪ ڪتاب مون کي ڏنو هئو، جيڪو اڄ ڪلهه مون وٽ موجود نه آهي. شايد ڪو دوست تڳائي ويو آهي، سڄو سارو پڙهيو هوم پر هريش جي سفر نامي جيڪو ڪلچر ٻڌايو آهي اهو ته هڪ الڳ ٿلڳ احساس ڏياري ٿو. هي ئي سفر آهي. جيڪو ”ريت جي آڪاس ۾ ڌرتيءَ جي کوج“ ڪرائي ٿو ۽ ان کوج جو عرصو بنهه ننڍڙو آهي. ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي يا هريش خود ان کي مختصر ٿيڻ ڏنو آهي. جيڪي به آهي بهرحال ڪڇ جو چهرو هن سفر نامي ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان جي رهواسين جي اندر جا احساس سندن چهرن مان پڙهي ۽ محسوس ڪري سگهجن ٿا، جيستائين ڪڇ جي اندر جو سوال آهي ته ان کي وري هڪ ٻي اهم کوج جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن موقعو ٺهي اچي ته! ۽ جيستائين جڳ جهان لاءِ اهڙو موقعو ٺهي، هريش پاڻ ڪوشش وٺي هن سفر نامي کي پاڻ ئي انگريزيءَ ۾ آڻي، منهنجو خيال آهي ته ادب جي دنيا ۾ هيءُ مختصر ڪتاب ترجمو ٿيو ته پنهنجي پيرن تي بيهي اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته مان پوئتي پيل ٽين دنيا جي هڪ نظر انداز ڪيل ڪُنڊ جو حصو آهيان، اچو مون کي پڙهو ۽ محسوس ڪيو.
اسان هت جيڪي ڏسون، پڙهون ۽ لکون ٿا، اولهه جي ادب ۾ اهو ڪجهه ٻيءَ طرح ضرور آهي، پر ڪو گهڻو بدليل يا اهم ڪونهي، ۽ ٻيو اهو به تھ هن سفر کي هڪ الڳ سڃاڻپ به آهي، اها هيءَ جيئن تھ مون پهرئين ئي چيو آهي ته هي ماڻهو جي پيرن جو سفر نه آهي. هيءُ من اندر جو سفر آهي جيڪو حواسن جي وسيلي محسوس ڪري سگهجي ٿو. لکڻيءَ جي حوالي ۾ مان خود هريش جي لفظن جو حوالو ڏيڻ چاهيندس ته ”هن سموري سفر ۾ ڪٿي به جذباتيت ڪانهي فقط جذبو آهي“ ۽ مان اِهو چوندس ته جيڪڏهن هيءُ غير معمولي لکڻي جذباتيت جي ور چڙهي وڃي ها ته منجهس جذبو عدم موجود هجي ها ۽ پوءِ هن جي اهميت ٽيهارو کن ڏينهن/هفتا/مهينا وڃي رهي ها!
مان سئُه ٽڪا سچ ٿو چوان ته شاعريءَ جي حوالي ۾ اڄ جي تاريخ تائين مون هريش جي مٿي ڪيل ڪوٽُ سٽ جهڙي سَوَن سٽنِ وارن ڪتابن ۾ به راءِ نه پڙهي آهي، پر اها راءِ اسان جي اڄ جي سنڌي ادب پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي نڙيءَ مان هيٺ لهندي ڪيئن؟ ان سوال تي ويچاري سگهجي ٿو. پوءِ ته شايد اسان پنهنجي سموري آدرشي ادب 1920ع کان پوءِ واري سموري شعري/نثري ادب تان شايد هٿ کڻڻ لاءِ ويچاريون پر ايڏو وڏو رسڪ کڻندو ڪير؟ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي وس کان اها ڳالهه ٻاهر آهي. پوءِ به مون کي شخصي طور شايد هريش واسواڻيءَ جي اها راءِ سموري حياتي ڪم اچي، ڇو ته هريش بنيادي طور نئين ڪوتا جو ڪوي آهي، ڇا واقعي ائين آهي ڇا ته اسان اڃا تائين ”جذبات“ ۽ ”جذبي“ ۾ فرق محسوس نه ڪري سگهيا آهيون. پوءِ به هريش جي راءِ سان هروڀرو سهمت هجڻ ضروري ڇو آهي؟ اڪثريت ۾ يا اقليت جي صورت ۾!
هريش واسواڻيءَ جي هن ڪتاب جنهن جو نالو ئي غير معمولي آهي، يعني ”ٻڙي ۽ ٽي ٻڙيون“ ھن ڪتاب جي فريم ۾ ڪجهه ٻيون تصويرون به آهن! جيتوڻيڪ اهو مڃيل اصول آهي ته هڪ فريم ۾ فقط هڪ تصوير هجڻ گهرجي، پر شايد فريم جي سائيز وڏي هجڻ ڪري ڪجهه ٻيون تصويرون به منجهس ماپايون ويون آهن. اهي تصويرون ماضيءَ ۾ ٿيل ڪجهه ادبي بحثن جي جواب طور ڏنل آهن، جن ۾ چيو ويندو هو ته ”ماڊرن ليکڪن خاص طور هند جي سنڌي ليکڪن کي وطن جو ۽ ٻوليءَ جو درد ڪونهي ۽ هو پنهنجن پاڙن پٽڻ جي ڪوشش ۾ آهن“ وغيرھ.
ڪتاب ۾ شامل هڪ ڪهاڻي ”ڪوليءَ جي ڪُکِ“ ۾ هڪ چيل جملو ”دَلا“ پنهنجي پاڻ ۾ هڪ ڊگهو مطلب رکي ٿو. اها ڳالهه مڃيل آهي ته خواب فقط پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏسي سگهبو آهي ۽ گار به فقط پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏئي سگهبي آهي، اهڙو ئي مقصد هن ڪهاڻيءَ جو به آهي. ڪتاب ۾ ٻي ڏنل ڪهاڻي ”ٻين جهڙو هڪ عام انسان“ ۽ هڪ مضمون ”ڪويتا جا تضاد“ هڪ الڳ جائزو لکڻ جهڙو مضمون آهي ۽ ڪتاب جو ٽيون مضمون ”پوسٽ اسڪرپٽ“ به منهنجي آڏو نئين ادب کي سمجهڻ لاءِ هڪ سنجيده مطالعو آهي، پر مون لکڻ فقط هن ڪتاب جي ان سفر نامي تي چاهيو آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو يا وري مون کي ”ريت جي آڪاس ۾ ڌرتيءَ جي کوج“ نالي واري لکڻي وڌيڪ ڪجهه به لکڻ کان روڪي بيٺي آهي. پوءِ بھ زور ڏيئي آخر ۾ ڪجهه سٽون لکڻ چاهيان ٿو جن جو مقصد هيءُ آهي ته سفر نامي ۾ هندي اکرن جو گهڻو استعمال ڪٿي ڪٿي ڏکيو لڳو آهي، ان حد تائين جو ڪتاب/سفر کي ماڻڻ/ڀوڳڻ ۾ رڪاوٽ بڻيو آهي. هريش کي ڪجهه هلڪو هٿ رکڻ کپي ها! پوءِ به اهو سونهري سچ آهي ته ”ٻڙي ۽ ٽي ٻڙيون“ ڪتاب ڇپرائي ڪاڪي هري موٽواڻيءَ (جيڪو هاڻ سرڳواسي بڻجي ويو آهي) نه رڳو سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي پڙهندڙ کي هڪ خوبصورت ترين ڪتاب ڏنو آهي، پر گهڻي عرصي کان لکڻ ڇڏي ويل هريش واسواڻيءَ کان ڪجهه نئون لکرائي ورتو آهي اهو سندس احسان سنڌي پڙهندڙ ياد رکندا، جيڪي ڪجهه به نئون پڙهڻ جا چاهڪ آهن، نئين مان منهنجي گهرج وقت نه آهي، ويچار آهن اهو ياد رکڻ گهرجي.!
مَي 25, 2025