”امن اسان جي پهرين ترجيح آهي پر ڀارت وري ڪا بيوقوفي ڪئي ته جواب اڳ کان به سخت هوندو“

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته اسان امن جا خواهشمند آهيون ۽ امن ئي اسان جي پهرين ترجيح آهي پر جيڪڏهن ڀارت وري ڪا بيوقوفي ڪئي ته اسان جو جواب اڳ کان به وڌيڪ سخت ٿيندو.
خيبر پختونخواهه جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت سمجهيو هو ته اسان تي حملو ڪندو ۽ پاڪستان جواب نه ڏيندو پر توهان سڀني ڏٺو ته ملڪ جا ماڻهو ڪيئن پنهنجي ڌرتي پويان بيٺا، سڄو پاڪستان گڏجي بيٺو، ڀارت ۽ مودي جيڪي به حڪمت عمليون ٺاهيون هيون، اسان انهن کي هڪ هڪ ڪري غلط ثابت ڪيو، هي قوم ۽ فوج هميشه متحد رهي آهي ۽ رهندي.
ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير فيصلو ڪيو ته ڀارت جي 26 هنڌن تي جواب ڏنو ويندو، مظفرآباد ۾ ڀارتي شيلنگ جي نتيجي ۾ 7 ورهين جو ٻار ارتضيٰ شهيد ٿيو، جنهن بريگيڊ هيڊڪوارٽر مان شيلنگ ٿي، اسان اُن کي تباهه ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته 6 ۽ 7 مئي تي جن هوائي اڏن تان ڀارتي جهاز اڏيا، انهن کي به اسان تباهه ڪيو، ڇا توهان جي فوج ڪنهن به شهري ڍانچي يا عام آبادي کي نشانو بڻايو؟ نه، اسين امن پسند آهيون، امن کي ترجيح ڏيون ٿا، امن اسان جو پهريون انتخاب آهي پر جيڪڏهن توهان وري اهڙي بيوقوفي ڪئي ته اسان جو جواب اڳ کان به وڌيڪ سخت هوندو.
سندس چوڻ هو ته هن خطي ۽ پاڪستان ۾ جيڪا به دهشتگردي ٿئي ٿي، ان جي پٺيان ڀارت آهي، افغانستان اسان جو پاڙيسري اسلامي ملڪ آهي، مسئلو انهن جي اشرافيه سان آهي، جن کي ڀارت ناڻو ڏئي خريد ڪندو آهي ۽ پاڪستان خلاف استعمال ڪندو آهي، اسان پنهنجي افغان ڀائرن کي چئون ٿا ته دهشتگردن کي پنهنجي ڌرتي تي جاءِ نه ڏيو، ڀارت جا هٿيار نه بڻجو.

مَي 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو