اسان کي پوري پڪ آهي ته پي ايس ايل فائنل کٽينداسين:شاهين آفريدي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته پوري پڪ آهي ته فائنل اسان کٽينداسين.
پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن جي فائنل تائين پهچڻ کانپوءِ شاهين آفريدي پوري ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هڙني رانديگر اهم موقعي تي بهترين راند جو مظاهرو ڪيو.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل ويل ٻئي ايليمنيٽر ۾ لاهور قلندرز دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽڊ کي 95 رنز جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پنهنجي سيٽ پڪي ڪري ورتي.
ميچ کانپوءِ انعامي تقريب دوران پنهنجي بيٽرن جي واکاڻ ڪندي لاهور جي ڪپتان چيو ته فخر زمان ۽ نعيم ٽيم کي شاندار شروعات ڏني، خاص ڪري نعيم جي بيٽنگ سان ايندڙ بيٽرن جو اعتماد وڌيو.
شاهين شاه عبدالله شفيق جي ذميواراڻي اننگز کي به ٽيم جي ڪاميابي جو اهم سبب قرار ڏنو.