اسان ضلعي سکر کي پرامن شھر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رھيا آھيون، ايس ايس پي اظھر خان مغل
سکر ( رپورٽ. امداد گل ڪلوڙ) ايس ايس پي اظھر خان مغل چيو آهي ته سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر کي پرامن بڻائڻ لاءِ اسان ھميشه جاکوڙ ۾ آھيون شھر اندر منشيات، جوا، آڪڙا پرچي، سميت سڀني ڏوهن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ خاص ٽيم تيار ڪئي وئي آھي جيڪا انھن سڀني تي نظر رکندي ۽ ڏوھارين کي جڙ کان ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ايس ايس پي اظھر خان مغل وڌيڪ چيو ته ڊي آءِ جي سکر فيصل عبد الله چاچڙ، جي سربراهيءَ ۾ اسان ڪچي ۾ آپريشن ڪيا ڪيترن ئي ڏوھارين خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون
ڪيترن ئي منشيات فروشن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويو عوام کي فوري طور سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ھڪ خاص سيل قائم ڪيو ويو آھي جٿي روزانو جي بنياد تي عوامي مسئلا حل ڪيا پيا وڃن
آفيسرن کي سختيءَ سان ھدايت ڪئي وئي آھي ته پنھنجا فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن ھن وڌيڪ چيو ته دنيا جي ڪنھن به ملڪ ۾ ڏوهن جو مڪمل خاتمو نه ٿي سگھيو آھي ڇو ته ڏوهن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ پھريان پاڻ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي پاڻ کي باوقار شھري بڻائڻو پوندو تڏهن وڃي
ڏوهن جو خاتمو ممڪن ٿي سگھندو پوليس ڊپارٽمينٽ ته ھميشه پنھنجي جانين جو نذرانو ڏيڻ لاءِ تيار رھي ٿو عوام جي ڀلائي لاءِ سنڌ پوليس پاران ڪيترائي ادارا قائم ڪيا ويا آھن جتي عوام کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن پر ان باوجود پوليس جي خدمتن کي ڪي ماڻهو وساري ويٺا آھن ايس ايس پي اظھر خان مغل چيو ته مان ذاتي طور تي سکر جي عوام جي محبتن جو ٿورائتو آھيان جن مون کي ايڏو پيار ڏنو پر ھي محبت ڪجھ شرپسند ماڻھن کي وڻي نه پئي جيڪي پوليس خلاف غلط پروپيگنڊا ۽ افواهون ڦھلائي عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رھيا آھن مان انھن دوستن کي چوڻ چاھيان ٿو ته مان جتي به رهان منھنجي ھميشه اولين ترجيح عوام جي خدمت ڪرڻ رھي آھي ان لاءِ ڪيترين مشڪلاتن کي منهن به ڏيڻو پئي ٿو
پر آخر ۾ فتح حق ۽ سچ جي ئي ٿيندي آھي مان سکر جي باشعور عوام کان خاص طور تي اپيل ٿو ڪريان ته اچو گڏجي پنھنجي شھر کي برائين، ۽ ڏوھن کان پاڪ ڪرڻ لاء پوليس جو ساٿ ڏين ته جيئن اسان سکر ضلعي اندر ڏوهن جو مڪمل خاتمو ڪري سگهون.
مَي 25, 2025