ڦلجي اسٽيشن: شهيد غزالا بتول صديقي جي 13هين ورسي سادگي سان ملهائي وئي، سليم چنا لائبريري ۾ تقريب، شهيد جي قرباني تي ڀيٽا پيش

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور) ڦلجي اسٽيشن سگا شاخ پاٽ شريف پاران سنڌ جي عظيم بهادر نياڻي شهيد غزالا بتول صديقي جي 13هين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف جي سليم چنا لائبريري ۾ سادگي سان ملهائي وئي,

جنهن ۾ سگا مرڪز جي سي اي سي ميمبر محمد اعظم ميمڻ,سگا شاخ پاٽ شريف جي صدر گلزار ڪلهوڙو,شهاب الدين لانگاه,حاڪم علي بٺڙ,شاهد حسين ميمڻ,اظھار علي ڪلهوڙو,خادم حسين چنا,محمد زمان سومرو,اياز علي ملاح,نديم احمد ميمڻ,ڊاڪٽر زبير علي چنا,ذوالفقار علي ملاح,خيرالدين سولنگي ۽ ٻين شهيد غزالا بتول صديقي جي تصوير آڏو گلن جي ورکا ڪري ميڻ بتيون ٻاري,کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اسان پاٽ شريف واسين کي سنڌ جي عظيم بهادر نياڻي شھيد غزالا بتول صديقي تي فخر آھي

 جنهن سنڌ امڙ تان جان گهوري ۽ تاريخ ۾ هميشه لاء امر بڻجي وئي,آخر ۾ شھيد غزالا بتول صديقي جي ايصال ثواب لاء دعا پڻ گهري وئي.

مَي 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو