ڄامشورو: ويڪسينيٽرن لاءِ 25 موٽر سائيڪلون فراهم، ڏورانهن علائقن ۾ حفاظتي ٽڪائن جي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ صحت کاتي جو قدم – ڊي ايچ او پاران سختي سان هدايتون جاري

Spread the love

ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث) ڄامشورو صحت کاتي جي پروجیڪٽ ڊائريڪٽر اي پي آئي سنڌ پاران ضلع ڄامشورو جي لاءِ 25 موٽر بائیڪون ويڪسينيٽرن کي ڏنيون ويون تفصیل موجب ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفیسر ڄامشورو ڊاڪٽر پیر منظور ڊي ایچ او آفيس ۾ اي پي آئي پاران موٽر بائیڪون ضلعي ڄامشوروي جي مختلف ويڪسينيٽرن جي حوالي ڪيون،

ڊاڪٽر پیر منظور چيو تہ ويڪسينيٽرز ضلع ڄامشورو جي ڏورانهين علاقن ۾ ٻارڙن کي حفاظتي ٽڪن ۽ ویڪسینیشن جي عمل کي یقینی بڻائیندا ھن وڌيڪ چيو تہ جن علاقن ۾ اسپتال پري آھي ۽ جيڪي ماڻهو اسپتال نٿا اچي سگهن انهن لاءِ صحت کاتي جي پروجیڪٽ ڊائريڪٽر سنڌ اي پي آئي پاران ضلع جامشورو لاءِ موٽرسائيڪل جي سھولت فراھم ڪئي وئي آهي ته جيئن ويڪسينٽر ڏورانهين علاقن ۾ وڃي ٻارڙن کي آساني سان حفاظتي ٽڪا ۽ ويڪسين ڪري سگهن،

ڊي ايچ او ڄامشورو ويڪسينٽرن کي سختي سان ھدایتون ڏنيون ته ویڪسینیشن ۽ حفاظتي ٽڪن ۾ ڪنھن بہ قسم جي غفلت کي ھرگز برداشت نہ ڪيو ويندو، ان موقعي تي اي پي آئي فوڪل پرسن محمد حسین چانڊیو، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر آئي آر ڊي اي پي آئي ڄامشورو محمد سعد انصاري، امتیاز حسین، سمیت ضلع جي ویڪسينيٽرن ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

مَي 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو