پي ايس ايل 10 جو فائنل سڀاڻي، اهم رانديگر دوست جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ ٽورنامنيٽ ڇڏي چڪو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو ڏهون ايڊيشن پنهنجي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ايونٽ جو فائنل سڀاڻي آچر تي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۽ لاهور قلندرز جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.
ان دوران هڪ رانديگر پنهنجي ويجهي دوست جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ پي ايس ايل ڇڏي چڪو آهي، جنهن جي تصديق سندس فرنچائز پڻ ڪئي آهي.
اسلام آباد يونائيٽيڊ گذريل ڏينهن ٻئي ايليمنيٽر ۾ لاهور قلندرز هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو، پر يونائيٽڊ جي اوپنر ايلڪس هيلز ٽورنامينٽ جي اهم مرحلي کان اڳ ئي پنهنجي فرنچائز جو ساٿ ڇڏي اسپين روانو ٿي چڪو هو، جتي هن پنهنجي دوست جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪئي.
انگلينڊ سان واسطو رکندڙ بيٽر ڀارتي جارحيت ۽ پي ايس ايل جي شيڊيول ۾ تبديليءَ باوجود پاڪستان اچڻ لاءِ حامي ڀريندڙ پهرئين جوڙ جي رانديگرن منجهان هڪ هو.
فرنچائز پاران جاري ڪيل وضاحتي بيان موجب، ايلڪس هيلز جي روانگي معاهدي جي هڪ حصي طور اڳواٽ طئي ٿيل هئي، جنهن بابت هو معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان اڳ ئي آگاهه ڪري چڪو هو.