هندستان پاڪستان جنگ جا نتيجا

Spread the love

سليم صافي

جيتوڻيڪ  ماضي ۾ بھ پاڪستان ۽ هندستان کي  ھڪ ڀيرو ( ڪارگل جنگ ۾ ) جنگ بندي تي آمريڪا مجبور ڪيو هو پر ھڪ عرصي کان هندستان جي رويي ۾عجيب قسم جو غرور اچي ويو هو. ھو  پنھنجو پاڻ کي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بلڪھ خطي جو چوڌري سمجھڻ لڳو ھو ۽ ماضي ۾ جنهن به ڪشمير جي مسئلي ۾ٽياڪڙي جي ڳالهه ڪئي، تھ هندستان ان کي گھڻي تڪبر سان ُٺڪرائي ڇڏيو. هندستان جو موقف رھيو آھي ته ڪشمير پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٻه طرفو معاملو آهي ۽ ڪنهن  ٽئين ڌر کي ان ۾ مداخلت جو اختيار ناهي.

دنيا چڱيءَ طرح سمجهي ٿي ۽ بلڪل ٺيڪ سمجهي ٿي ته افغانستان جو حالتون بھ  پاڪستان ۽ هندستان جي پراڪسي جنگ جي ڪري خراب رھي ٿي. تنهن ڪري، بارڪ اوباما،جڏھن آمريڪا جي صدر بڻجڻ کان پوءِ  ٽي طرفي (پاڪستان، افغانستان ۽ هندستان) فورم جو اعلان ڪيو، ته هندستان کي اھو تمام گهڻو ڏکيو لڳو. هندستاني قيادت چيو ته ڪٿي پاڪستان ۽ ڪٿي هندستان، اسان کي انهن سان نه ملايو وڃي. تنهن ڪري، هندستان جي احتجاج کان پوءِ، آمريڪا هندستان کي ان مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ صرف پاڪستان ۽ افغانستان فورم، يعني افپاڪ باقي رهيو.

ساڳئي طرح، اسان کي ياد آهي ته، ڪشمير جي مسئلي تي ٽياڪڙي  ته پري جي ڳالهه آهي،اھي پهلگام واقعي جي جاچ لاءِ بھ نھ تھ پاڪستان جي آڇ قبول ڪري رهيو هو ۽ نه ئي ڪنهن بين الاقوامي تنظيم کي وچ ا۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيار هو. ٻين لفظن ۾، سندس غرور پنهنجي حد کي ُڇھي رهيو هو. تھ وري ٻئي طرف، پاڪستان هڪ ننڍي ملڪ هجڻ جي باوجود، وڏي مشڪلات کي منهن ڏئي رهيو هو.

صدر بائيڊن ۽ پوءِ ٽرمپ جي دور ۾، اها ڳالھھ  هر ڪنهن جي زبان تي ھئي ته آمريڪا جي اوليتن پاڪستان شامل نه  آهي. مخالف ڌر طعنا ڏئي رهي هئي ته پاڪستان سفارتي اڪيلائي جو شڪار آهي، پر هندستان جي غرور ۽ تازي جارحيت پاڪستان کي سفارتي محاذ تي ڪيترن  ئي حوالن سان  سان فائدو پهچايو. مثال طور، آمريڪي صدر تسلسل  سان اهو ذڪر ڪري رهيو آهي ته هن پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ بندي ڪرائي.ھن جا اھي بيان  جڏهن مودي اهي ٻڌندو آهي، کيس گھڻو ناگوار گذرن ٿا. پر هو انڪار نٿو ڪري سگهي. اهڙيءَ طرح، هو آمريڪا کي پاڪستان هندستان تڪرار کان ٻاهر رکڻ چاهي ٿو پر ، اھو خود  سندس  “ڪرتوتن”  جي ڪري ٽين ڌر جي مداخلت ٿي وئي.

سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيو ته ڊونلڊ ٽرمپ پڻ هاڻي ڪشمير جو به ذڪر ڪري رهيو آهي، ۽ اهڙي طرح ھندستان جي خيال ۾ دفن ٿيل ڪشمير جو مسئلو، ٻيهر عالمي سطح تي اڀري آيو آهي. اڳ ۾، صرف پاڪستان چوندو رهيو ته ڪشمير ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ هڪ فليش پوائنٽ  آھي، پر هاڻي دنيا پاڻ ڏسي ورتو آهي ته  خدا نھ ڪري پر،ڪشمير جو مسئلو ڪنهن به وقت ايٽمي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

مَي 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو