ليڊي هيلٿ ورڪرز جو سکر ۾ پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ خلاف احتجاج، حقن جي تحفظ لاءِ اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) صحت کاتي ۾ ورهين کان ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ خلاف عالمه خاتون، صدف ڀٽو، ياسمين اعواڻ، حفيظان ڀٽو، ساره صديقي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب ٻاهران سوين ليڊي هيلٿ ورڪرز بينر کڻي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو،

 نٽهڻ اس ۾ سخت گرمي دوران ڇتي نعريبازي ڪندڙ مظاهرين جو چوڻ هو ته کين سال 1994ع ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ صحت کاتي ۾ ڀرتي ڪيو ويو،

جنهن کانپوءِ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ڄمندڙ ٻارن کي مختلف بيمارين کان ٻچاءُ جي وئڪسين ڪرڻ، فيملي پلاننگ سميت ڊبليو ايڇ او جي ٻين پروگرامن ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪرونا وبا دوران ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، ان دوران حڪومت ليڊي هيلٿ ورڪرز کي 17 هزار 500 رپيا ڪووڊ الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر هن وقت تائين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ڪووڊ الائونس کان محروم رکيو ويو آهي،

صحت کاتي ۾ 30 ورهين کان سخت حالتن ۾ ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي بناجواز پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جي سازش سٽي وئي، ان عمل سان ريٽائرمينٽ جي ويجهو پهتل ليڊي هيلٿ ورڪرز جي حقن تي ڌاڙو هڻي کين پينشن ۽ گريجوئٽي کان محروم ڪيو ويندو، تنهن ڪري اسان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيون آهيون،

 هنن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير صحت عذرا پيچوهو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي کين تحفظ فراهم ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن.

مَي 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو