سکر: ٻه سال اڳ اغوا ڪيل پورهيت واجد بڙدي پنهنجي اغوا ڪندڙ کي سڃاڻي ورتو، پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، انصاف لاءِ اپيل

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر پريس ڪلب ويجهو مينارا روڊ تي گل وڪرو ڪندڙ پورهيت کي ٻه سال اڳ اغوا ڪرڻ وارو مامرو۔مغوين جي نشاندهي تي پوليس ٻه ڄڻن کي پڪڙي ورتو۔هڪ پيرسن عورت به گڏ آهي ان سلسلي ۾ گرفتار ٻئي ڄڻا موبائيل فون جي سم خريد ڪرڻ لاءِ گل وڪرو ڪندڙ پورهيت واجد بُڙدي وٽ پهتا ته پورهيت کيس ورتو ۽ کيس پڪڙي مدد لاء رڙيون ڪيون ته ماڻھن جو ميڙ گڏ ٿي ويو

 جنهن بعد  پوليس کي اطلاع ڏيڻ تي پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ان موقعي تي پورهيت واجد بڙدي جو چوڻ ھو ته کين عورتاڻي آواز تي گهرائي پنوعاقل لڳ ٻه سال اڳ اغوا ڪيو هو

20 لک ڀنگ وٺڻ کانپوء آزاد ڪيو هو اغوا ڪندڙ بدر تيغاڻي ۽ سندس ساٿي اسان کي ڪچي ۾ يرغمال بڻائي 20 لک ورتا هئا اڄ سم وٺڻ آيو ته کيس سڃاتم۔ايس ايس پي سکر ۽ ٻين کي اپيل آھي ته جوابدار کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي ورتل ڀنگ جي رقم واپس ڏياري کين انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي۔

مَي 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو